182

گهوٽڪي جي ڪچي ۾ آپريشن، سخت مقابلو، پوليس پاران ٽن مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

ميرپورماٿيلو (ويب ڊيسڪ) ٽي ڏينهن اڳ گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي جي ٿاڻي آندل سندراڻي جي حد لڍڙ ٻيلو مان ٽن پورهيتن صدورو لکڻ، حبيب الله لکڻ ۽ سليم لکڻ کي ڌاڙيلن جمعو شر، سونو شر جي ٽولي جي ڌاڙيلن اغوا ڪري سنڌو درياءِ جي ڪچي ۾ کڻي ويا هئا ۽ وارثن کان 30 لک روپيه ڀنگ طلب ڪئي هئي جنهن تي ايس ايس پي گهوٽڪي هر روز ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن جي هر روز ڪارواين جو سختي سان نوٽس وٺندي پوليس جون چار ٽيمون ٺاهي سينئر چار ايس ايڇ اوز جي اڳواڻي ۾ ڌاڙيلن خلاف به رحماڻو آپريشن ڪرڻ جو چئي ٽنهي مغوين جي بازيابي جو ٽاسڪ ڏئي جديد هٿيار ، راڪيٽ لانچر، ٽي بڪتر بند گاڏين ۽ وڏي تعداد ۾ پوليس موبائل ۾ سوار اهلڪارن تي مشتمل اهلڪارن کي الرڊ ڪري ڪچي ۾ ڌاڙيل جمعو شر ۽ سونو شر جي ٽولن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو هو جنهن ۾ پهرين ڏينهن تي پوليس جي آپريشن دوران ڌاڙيلن جي ٿاڪن ۽ گهرن کي باهيون ڏئي ساڙي ويو هو ۽ ست ڌاڙيلن جي اهم ويجهن عزيزن کي پڻ گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ رکي ڌاڙيلن جي ٽڪاڻن بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي گهٽ گهير کي ختم ڪري مين (لنگهه) رستن تي پوليس کي مورچا بند ڪري الرڊ ڪندي ڪچي جي ايندڙ ويندڙ ماڻهن تي سخت نظر رکي وئي ۽ ڌاڙيلن جي ويجهن عزيزن جي گرفتاري ۽ انهن کان مليل ڄاڻ موجب پوليس ڌاڙيلن خلاف ٻي ڏينهن به لڍڙ ٻيلو ڀرسان ڌاڙيلن خلاف صبح ٿيڻ شرط آپريشن شروع ڪيو ته ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو ۽ مقابلي دوران پوليس جون چارئي ٽيمون گڏجي ٽن بڪتر بند گاڏين کي اڳ ۾ ڪري ڌاڙيلن جي گهرن ۾ ڪاهي پيا جتي ڌاڙيلن پوليس جي بڪتر بند گاڏين ذريعي سخت مذاهمت ڏسندي سندس ڌاڙيل مغوين سميت ڪچي ۾ فرار ٿيا ته پوليس هڪل ڪري هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو جنهن تي ڌاڙيلن ٽنهي مغوين کي ڇڏي پاڻ فرار ٿي ويا ۽ مغوي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ٿيڻ شرط پوليس جي بڪتر بند گاڏين وٽ پهتا پوليس ڌاڙيلن جي ٽڪاڻن آڏو جشن ڪندي ٽنهي مغوين کي بڪتر بند گاڏين ذريعي پڪي تي سنڌو درياءِ جي علي حسن ڏهر دمدمي تي پهتا جتي مغوين جا وارث به اطلاع ملڻ شرط پهچي ويا ۽ مغوين کي ساڻ ڪري ڳوٺ جيوڻ لکڻ پهتا جتي ڳوٺ عيد واري خوشي وارو ماحول پيدا ٿي ويو ۽ ڳوٺاڻا جشن ڪندي پوليس ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي جا ٿورا مڃيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو