لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو فاسٽ بالر شعيب اختر بابر اعظم تي ماضيءَ ۾ تنقيد ڪندو رهيو آهي، هاڻ هُن وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان مٿان به تنقيد جا تير وسائڻ شروع ڪري ڏنا آهن. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ شعيب اختر چيو ته ڪرڪيٽ ٽيم ڪنهن جي چاچي جي ناهي جو هر فارميٽ ۾ اننگ آغاز جو موقعو ملندو. هن چيو ته محمد رضوان کي ان انداز سان ڪرڪيٽ نه کيڏڻ گهرجي، اڳيان هلي ناڪام ويندو. هن وڌيڪ چيو ته رانديگر کي جنهن نمبر تي اماڻيو وڃي ان سان انصاف ڪري، ڪنهن سان بدسلوڪي ڪرڻ جي ضرورت نه آهي.
