ليکڪ:مولانا راشد علي چانڊيو
جنت البقيع قبرستان پهريان هڪ باغ هو، عربي ۾ ان جڳھه کي ”البقيع الغرقد“ چوندا هئا، بقيع معنيٰ وڻن جو باغ ۽ غرقد هڪ خاص وڻ هو، جيڪو ان باغ ۾ تمام گهڻو هو، ان ڪري ٻن نالن سان مرڪب ڪري ” البقيع الغرقد“ نالو رکيو ويو، هن باغ ٻاهران چئني طرفن کان ماڻهن جا گهر هئا ۽ اتي حضرت علي عه جي ڀاءُ حضرت عقيل عه جو به گهر هو، جڏهن ماڻهو ان جاءِ تي پنهنجن عزيزن کي دفن ڪندا ويا ته ان باغ جا وڻ به وڍيندا ويا ۽ جڏهن باغ مڪمل ڀرجي ويو ته ماڻهن پنهنجن گهرن کي پنهنجي قبيلن وارن جو قبرستان بڻايو ۽ جڏهن حضرت عقيل عه جي گهر جو وارو آيو ته ان گهر کي ”مقبره بني هاشم“ جي نالي سان سڏيو ويو، ڇو جو انهيءَ گهر ۾ بني هاشم جي ماڻهن کي دفن ڪيو ويندو هو، ”مقبره بني هاشم“شخصي ملڪيت هئي، انهي ڪري انهيءَ جاءِ تي ائمه اطهار جون مزارون هيون. مسلمانن جي هجرت کان پهريان مديني جا ماڻهو پنهنجي عزيزن کي ٻن جاين تي دفنائيندا هئا، ”بني حزام“ ۽ ”بني سالم “سڀ کان پهريان مدينه منوره جي رهڻ وارن يعني انصار مان اسعد بن زراره ۽ مهاجر مسلمانن مان عثمان بن مظعون هن قبرستان ۾ دفن ٿيا، هي قبرستان پيغمبر اڪرم صه جي سفارش تي قائم ٿيو، ڇو جو پاڻ ئي پنهنجي صحابي عثمان بن مظعون کي هن جاءِ (جنت البقيع) تي دفن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هئائون. پاڻ ڪريم صه پنهنجي مڪي جي ساٿي کي دفن ڪرڻ بعد حڪم ڏنو ته ڪو پٿر کڻي اچو ته عثمان بن مظعون جي قبر تي نشاني طور رکون، پيغمبر اڪرم پنهنجن هٿن سان پنهنجي صحابي جي قبر تي نشاني طور پٿر رکيو، ان بعد جڏهن به ڪو ماڻهو وفات ڪري ويندو هو ته ماڻهو ان جي قبر مٿان پٿر نشاني طور رکندا هئا، عثمان بن مظعون جي قبر مٿان رکيل پٿر بني اميه جي دور تائين موجود هو، ان بعد احد جي زخمي شهيدن کي پڻ جنت البقيع قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، هن قبرستان ۾ پهريان اهڙيون تختيون يا نشان نه هئا جن سان معلوم ٿي سگهي ته هي ڪنهن جي قبر آهي پر ڪجهھ وقت کان پوءِ مورخين تحقيق ڪري ڪجهھ اهم شخصيتن جي قبرن جي نشاندهي ڪئي، وقت گذرڻ سان هن قبرستان ۾ قبرن جو تعداد وڌيو ۽ انهن مٿان گبنذ به تعمير ٿيندا رهيا جيڪي سئو سال پهريان تائين باقي هئا. هن قبرستان ۾ مديني ۽ مڪي سان تعلق رکندڙ مسلمان دفن ٿيل آهن ۽ هي مسلمانن جو پهريون قبرستان آهي جيڪو نبي اڪرم صه جي هجرت کان پوءِ وجود ۾ آيو. هن قبرستان ۾ پيغمبر صه جي پٽ حضرت ابراهيم کي به دفنايو ويو هو، ان کانسواءِ پاڻ ڪريم صه جون سڏيل نياڻيون ام ڪلثوم، رقيه ۽ زينب پڻ دفن ٿيل آهن، گهروارين منجهان حضرت عائشه بنت ابوبڪر رضي الله تعالي عنها، حضرت سوده بنت زمعه، حضرت حفصه بنت عمر رضه، حضرت زينب بنت خزيمه، حضرت ام سلمه، حضرت جويريه بنت حارث، حضرت ام حبيبه، رمله بنت ابو سفيان، حضرت صفيه بنت حي بن اخطب، حضرت ميمونه بنت حارث رضي الله تعالي عنها هن قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن. جڏهن ته پيغمبر اڪرم صه جي هڪ گهرواري حضرت خديجه بنت خويلد مڪه مڪرمه ۾ دفن ٿيل آهي. اهلبيت عليه السلام منجهان هن قبرستان ۾ حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها، حضرت امام حسن بن علي عليه السلام، حضرت امام زين العابدين بن امام حسين عليه السلام، امام محمد باقر بن امام زين العابدين عليه السلام، حضرت امام جعفر صادق بن امام محمد باقر عليه السلام، حضرت عباس بن عبدالمطلب، حضرت فاطمه بنت اسد، حضرت عقيل بن ابي طالب، حضرت عبدالله ابن جعفر، حضرت ام البنين فاطمه ڪلابيه حضرت عباس عليه السلام جي ماءُ، صفيه بنت عبدالمطلب، عاتڪه بنت عبدالمطلب، جناب ابراهيم بن رسول خدا جيڪو سن 7 هجري ۾ پيدا ٿيو ۽ 16 يا 17 مهينا زنده رهيو، جناب محمد بن حنفيه امام علي عليه السلام جو پٽ هو ۽ انهن کانسواءِ بني هاشم جا ٻيا فرد ان قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن. اهلبيت عليهم السلام جي خاندان کانسواءِ ڪجهھ ٻيون به اهم شخصيتون هن قبرستان ۾ دفل ٿيل آهن جن ۾ حليمه سعديه رسول خدا جي رضاعي ماءُ، جابر بن عبدالله انصاري، عبدالله بن مسعود، سعد بن معاذ، ابو سعيد خدري، مقداد بن اسود، اسماعيل بن امام صادق عليه السلام، امام مالڪ بن انس ۽ واقعه حره ۾ شهيد ٿيندڙ صحابي ۽ تابعين هن قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن. بني اميه جي دور تائين حرم آئمه مٿان ڪو به گنبذ موجود نه هو، جڏهن بني عباس جي خلافت شروع ٿي اهلبيت عليھم السلام جي قبرن مٿان سايو بني عباس جي دور کان شروع ٿيو. پنجين صدي هجري کان پوءِ ائمه اطهار عليهم السلام جي قبرن مٿان گنبذ جوڙيا ويا انهن جي حرمن کي مضبوط ديوارن سان تعمير ڪيو ويو. پهريون ڀيرو سن 486 هجري کان جڏهن سلجوقين جي حڪومت هئي ۽ جڏهن برڪيارق سلجوقي حاڪم هو ان وقت ان جو وزير جنهن جو نالو ”مجدالملڪ ابوالفضل اسعد بن محمد بن موسي البراوستاني قمي“ هيو تنهن قم جي رهڻ واري معمار (رازي) کي بقيع جي مٿان گنبذ تعمير ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ براوستاني بقيع جي تعمير کي شروع ڪرايو. جنهن بعد ٽين تعميرات تيرهين صدي هجري جي اول ۾ سلطان محمود عثماني جي حڪم سان ٿي ۽ ترڪن جي حڪومت تائين اهي روزا مبارڪ موجود هئا.اڄ کان 97 سال اڳ 8 شوال 1344هجري تي وقت جي حڪومت هن قبرستان ۾ روضن کي مسمار ڪيو، اڄ به دنيا جا مسلمان 8 شوال المڪرم تي يوم سوڳ جي عنوان سان ملهائي اهلبيت عليهم السلام سان محبت جو اظهار ڪندا آهن.