ليکڪ: عاصمه شيرازي
فلسطين اک مان ڪريل اهو ڳوڙهو آهي جيڪو صرف درد رکندڙ دلين تي ئي اثر ڪري ٿو، قومي ۽ عالمي اسڪرينون فلسطينين جي نوحن سان ڀريل آهن، نشست گاهن ۽ ٿڌن هالن ۾ فلسطين جي مظلوم عوام سان همدردي ڪئي پئي وڃي، فلسطين جي وڃايل مستقبل ۽ بي خبر حال کان بي خبر معصومن جا اسڪرين شاٽس ٽٽل دلين سان واٽس ايپ ۽ سوشل ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز آهن، 10 سالن جي ٻارڙي جا اڌورا خواب ڌڙا ڌڙ شيئر ڪيا پيا وڃن، پر ان کان اڳتي ڇا؟
پھر برق فروزاں ہے سرِ وادیِ سینا
پِھر رنگ پہ ہے شُعلۂ رُخسارِ حقیقت
پیغامِ اجل دعوتِ دیدارِ حقیقت
اے دیدۂ بینا!
اب وقت ہے دیدار کا دم ہے کہ نہیں ہے
فلسطين ۽ ڪشمير جا مظلوم انسان نه ته باقي خوشحال ۽ آزاد دنيا کان شڪايت ڪندڙ آهن، نه ئي ڪنهن مان سٺي جي اميد رکن ٿا، هٿن ۾ پٿرن جو هٿيار، اکين ۾ آزادي جا خواب، جڏهن ته چهرن تي دنيا لاءِ طنزيه مرڪ، پيغام اهو آهي ته مزاحمت ته ائين به ڪري سگهجي ٿي،جنگ ته خالي هٿن، بنا ميزائلن، ٽينڪن ۽ ايٽم بم جي به وڙهي سگهجي ٿي، فلسطين جي فوج جا ننڍڙا سپاهي، نوجوان ڇوڪريون، بهادر نوجوان، حوصلامند پوڙها ۽ توانن جذبن واريون مائرون، ڌيئرون ۽ عورتون هر روز هڪ نئين ڪربلا کي منهن ڏين ٿيون۽ سندن خاموش سوال پوڻا 2 ارب مسلمانن جي ضميرن تي تازيانا وسائيندا آهن ته اسان ڪمزور ۽ اڪيلا سهي پر ڏسو جنگ ته ائين به وڙهي سگهجي ٿي، گذريل تقريبن 8 ڏهاڪن کان هن وقت تائين فلسطين پنهنجي خود اراديت واري حق جي جدوجهد ۾ آهي، پاڪستان سان فلسطينين جون اميدون ڪشمير جي صورت ۾ جڙيل آهن، فلسطيني ڪشميرين ذريعي پاڪستان جي شاهه رڳ آهن ۽ ان رشتي جي شروعات باباءِ قوم قائد اعظم محمد علي جناح پاڻ ڪئي هئي. محمد علي جناح يا ڊاڪٽر محمد اقبال، فلسطين لاءِ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي هن وقت تائين قومي قيادت اسرائيل خلاف ۽ فلسطينين سان گڏ بيٺل آهي، اهو ئي سبب آهي ته فلسطين جو عوام گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان طرف اميد سان ضرور ڏسي ٿو ۽ هن وقت تائين پاڪستان جي حڪومتن ۽ عوام انهن اميدن کي بهرحال ٽوڙيو ناهي، قائداعظم پنهنجي رحلت کان اڳ پرڏيهي پاليسي جو بنياد ئي اسرائيل کي تسليم نه ڪرڻ تي رکيو هو، قائداعظم هڪ نه پر ڪيترن ئي هنڌن تي فلسطين جي حق ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف واضح بيان ڏنا هئا، 26 ڊسمبر 1938ع تي مسلم ليگ جي پٽنا ۾ ٿيل اجلاس ۾ قائداعظم انهن خيالن جو اظهار ڪيو هو ته ”ننڍي کنڊ جا مسلمان پنهنجي عرب ڀائرن جي آزادي ۽ خودمختيار رياست لاءِ جدوجهد واري معاملي ۾ انهن جي مدد کان ڪنهن به صورت ۾ پاسو نه ڪندا“ عجيب معاملو آهي ته اڄ سڄي دنيا جو عوام ڀلي اهو آمريڪا ۾ رهندو هجي يا يورپ، برطانيا ۾ هجي يا هندستان ۾ فلسطين جي حق ۾ هم آواز آهي، جڏهن ته اتان جا حڪمران وري اسرائيل جي حمايت ۾ بيٺل نظر اچن ٿا، حيران ڪندڙ ڳالهه ته اها به آهي ته لبرل ۽ ترقي پسند طبقو روڊن تي آهي ۽ مذهبي ۽ قدامت پسند خاموش آهن، اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي جي روڊن تي ”خوني لبرلز“ قرار ڏنل ته فلسطينين جي حمايت ۾ جلوس ڪڍندي نظر آيا، پر مذهب ۽ اسلام تي ساهه ڏيڻ جا دعويدار ڪٿي به ريلين ۾ نظر نه چڙهيا، 57 ملڪن جي حڪومتن ۽ او آءِ سي به صرف مذمتن تي ئي ڀروسو ڪيو آهي، 2017ع ۾ ٺهندڙ اسلامي فوجي اتحاد به چپ سبي ويٺو آهي، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺاهيل 41 ملڪن جي اها فوج به صرف صورتحال جو جائزو وٺي رهي آهي، يا وري شايد اهو سوچي رهي آهي ته آمريڪين کان خريد ڪريل اربين ڊالرن جو سامان حربي اسرائيل جي خلاف ئي ڪيئن استعمال ڪيو وڃي؟ تازو ئي دوستي جا پيچ ۽ عرب-اسرائيل ڀائي ڀائي جو نعرو هڻندڙ عرب ملڪ فلسطينين جي ڪهڙي منهن سان مدد ڪن، نيٺ زبان به ڪا شيءِ هوندي آهي. تلوارن جي رقص ۾ صرف ڪنڌ ئي نگاهه ۾ آهن ۽ اهي به صرف ڪمزورن جا، ننگيون نچندڙ تلوارون زورآورن خلاف ڀلا ڪيئن استعمال ٿين؟ ڀرم تيار نه آهي ۽ حالتون سازگار نه آهن، اتحادي اسلامي فوج جي سربراهه کي درخواست آهي ته خدا جي واسطي هاڻ ته اچي وڃو.جيڪڏهن اسان اهو سمجهون ته روئندڙ، سڏڪندڙ ۽ ڊاڪٽر ٿيڻ جا خواب ڏسندڙ معصوم نياڻي جي پُڪار ڪو محمد بن سلمان ٻڌي وٺندو يا امارات جا شهزاد ۽ مسلم امت جا ڪرتا ڌرتا ٻڌندا ته اها اسان جي غلط فهمي آهي. ها انهن ٻاڏائيندڙ ٻارن جا پُڪار غير مسلم ملڪن ۾ رهندڙ ڪافرن ضرور ٻڌي ورتي آهي، جيڪي روز روڊن تي نڪري ٻڌائين ٿا ته فلسطينين جي حمايت لاءِ مسلمان هجڻ ضروري نه آهي پر ان لاءِ دل ۾ درد هجڻ ضروري آهي. دل دل ئي ته آهي، گهٽ ماڻهن وٽ هوندي، مفادن جي نالي تي دماغ گهڻا آهن. بقول فيض جي ته؛
پھر دل کو مصفَّا کرو، اس لوح پہ شاید
مابینِ مَن وتُو، نیا پیماں کوئی اترے
اب رسمِ سِتَم حکمتِ خاصانِ زمیں ہے
تائیدِسِتم مصلحتِ مُفتیِ دِیں ہے
اب صدیوں کے اقرارِ اطاعت کو بدلنے
لازم ہے کہ انکار کا فرماں کوئی اُترے.