197

سنڌ جي ڪاليجي استادن جون جبري بدليون…!!

ليکڪ: پروفيسر نتاشا سولنگي

دنيا جي جديد ملڪن ۾ جيڪو مان، مرتبو ۽ مقام استاد کي حاصل آهي اھو شايد ئي ڪنهن ٻئي پروفيشن يا پيشي کي هجي.اھو ئي راز آهي جو اهي ملڪ ترقي، تعمير، خوشحالي ۽ پيداوار ۾ اسان کان گهڻو اڳتي آهن، جيڪي ملڪ پنهنجي بجيٽ جو گهڻو حصو تعليم تي خرچ ڪري استادن کي بهترين پگهارون، جديد تربيتي ڪورس ڪرائڻ، ٻاهرين دنيا اندر تربيتون ۽ مطالعاتي دورا ڪرائڻ سميت هر قسم جون سهولتون مهيا ڪن ٿا ۽ معاشري ۾ اُنھن جي رتبي کي ايترو مٿانهو رکيو ويندو آهي جو ٽرئفڪ جام جي صورت ۾   وزير اعظم جي گاڏي کي بيهاري استادن جي سواري  کي فوقيت ڏئي گذاريو ويندو آهي، چون ٿا ته جرمن چانسلر انجيلا مرڪل ڏانهن جڏهن ڊاڪٽرن جو هڪ وفد گڏيل صورت ۾ ملاقات ڪري هن کان مطالبو ڪيو ته جرمني جي ڊاڪٽرن جي پگهار جرمني جي استادن جي برابر ڪئي وڃي ته انجيلا مرڪل تاريخي لفظ چيا ته ”مان اوهان ڊاڪٽر حضرات کي ۽ جرمني جي استادن کي هڪ جيتري پگهار ڪيئن ٿي ڏئي سگهان ٿي جن اَڄُ توهان کي هن مقام تي پهچايو آهي“ اهي بي مثال لفظ اُن عظيم قوم جي استاد جي عظمت، مهذب، ترقي يافتا ۽  زندهه قوم هجڻ جو ثبوت ڏئي رهيا آهن، جتي استاد کي هر کاتي جي ملازم کان وڌيڪ عزت، وقار ۽ ماهوار اجرت ڏني ويندي آهي، قومن جي تعمير ڪندڙ، سياسي مدبر، ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان ۽ سفارتڪار پيدا ڪندڙ استاد جيڪو اڳ ۾ ئي گهٽ آمدني، معاشي بدحالي  ۽ تنگدستي جو شڪار آهن ويتر سنڌ جي  ڪاليجز  ۾ هڪ ٻئي نامناسب روايت جو بنياد وڌو ويو آهي. ان روايت تحت سنڌ جي  ڪاليجي استادن جون بدليون ڏورانهن علائقن ڏانهن  ڪري کين ذهني طور مفلوج بڻائي انهن کي نفسياتي مونجهاري جو شڪار بڻايو پيو وڃي .اَڄُ کان ڪجهه مهينا اڳ سنڌ جي لاتعداد ڪاليجي استادن کي  ڏورانهن علائقن ڏانهن بدلي ڪيو ويو هو، جنهن ڪري انهن کي پنهنجا گهر گهاٽ ۽ خاندان ڇڏي ٻين شهرن ۾ رهائش اختيار ڪرڻي پئي هئي. ان عمل لاءِ ”نيڊ بيس“ وارو غير منطقي جواز گهڙي پيش ڪيو ويو، ٺيڪ آهي مڃيوسين ته اُهو قدم ضرورت جي بنياد تي کنيو ويو هو پر ان عمل ڪري ڪاليجي استاد جنهن درد، پيڙاءُ ۽ ڪرب مان گذريا انهن جو ڪنهن سياسي اڳواڻ يا ڪنهن ڪاليج کاتي جي عملدار کي احساس  يا خيال ٿيو ته پروفيسرس، انهن جي ٻارن ٻچن ۽ جن ڪاليجن ۾ هو پڙهائيندا هئا اتان جي محروم ٿيل شاگردن تي ڇا گذريو هوندو؟ استادن پهريان ڪجهھ ڏينهن جوائننگ نه ڏني پر پوءِ اُنھن کي مختلف قسمن جون ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ آخرڪار اها ڌمڪي ڏني وئي ته جوائن ڪيو يا نوڪري تان استعيفيٰ ڏيو، ان ڪري اُنھن پروفيسرن مجبوري ۾ ڊيوٽيون جوائن ڪيون، ڪميشن جھڙو مقابلي جو امتحان پاس ڪري ۱۷ هين گريڊ جي نوڪري وڃائڻ ڪا سولي ڳالهه ناهي، اُھي جبري بدليون اڃا دماغ جي ڦرهي تان ميساريون ئي نه هيون ته وري 17مئي 2021ع تي ٻه نوٽيفيڪشن سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي اکين اڳيان گذريا، انهن ٻن انوکين بدلين جي نڪتل نوٽيفڪيشن تي سنڌ جا سمورا ڪاليجي پروفيسر حيران ۽ سخت پريشان  آهن ته آخر استاد جي قسمت جا هيڏا وڏا فيصلا ائيرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ ويهي ڪيئن ڪيا پيا وڃن؟ جيڪي استاد جي وجود کي ئي جهنجهوڙي ڇڏين ٿا، ياد رهي ته انھن جبري بدلين مان هڪ بدلي ۾ هڪ پروفيسر آئوٽ آف ڊسٽرڪٽ نه پر آئوٽ آف ريجن بدلي ڪيو ويو آهي ۽ هڪ پروفيسر جيڪو پنهنجي ڪاليج ۾ زولاجي مضمون جو اڪيلو استاد آهي ۽ اهو ڊگري ڪاليج ڏوڪري ۾ شاگردن کي باٽني جو مضمون پڻ پڙهائيندو رهيو آهي ان کي به سنڌ جي سرحد جي آخري ڇيڙي تي نه ڄاڻ ڪهڙي سزا ڏئي نان ايس اين اِي ڪاليج ۾ موڪليو ويو آهي.  آخر اهڙي ڪھڙي مجبوري هئي جو لاڙڪاڻي جو استاد جبري طور ٿرپارڪر روانو ڪيو وڃي ٿو؟ ڇا ٿرپارڪر جي ڀر وارن ٻين ڪاليجن ۾ سنڌي مضمون جا استاد نه هئا، جيڪي کيميجو پار ڪاليج ۾ موڪليا وڃن ها؟  ڇا اڃان اسان اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب نه آهيون ته ان پٺيان ڪي سازشي عنصر يا ٻيا ڪي ناجائز مقصد آهن؟ غور طلب ڳالهه اها به آهي ته سپلاءِ جون چونڊون  پڻ سر تي آهن ، چونڊن کان پهريان اھڙا قدم شايد استادن کي ڊيڄارڻ ۽ پريشان ڪرڻ يا ڪنهن من پسند ۽ سرڪاري ڌر لاءِ هجن ته جيئن استاد ذهني طور تي مونجهاري جو شڪار هجن ۽ آزاد فيصلو نه وٺي سگهن. تصور ڪريو ته اهڙو استاد جيڪو ان قسم جي پريشاني ۾ مبتلا هوندو اھو شاگردن کي ڪيئن پڙهائيندو؟ پنهنجي گهر وارن سان پنهنجي ٻارن سان ڪيئن پيش ايندو هوندو؟ وس وارن کي اپيل ڪجي ٿي ته ڪاليجي استادن سان اڳ ئي تمام گھڻيون نا انصافيون ٿيون آهن جئين ٻين صوبن جي استادن کي ٽائيم اسڪيل جو هجڻ ۽ سنڌ جي ڪاليجي استادن جو ٽائيم اسڪيل کان محروم هجڻ، يوٽيلٽي الاؤنس ،  جديد ٽيچنگ ٽريننگس جي کوٽ، معمولي هائوس رينٽ، ميڊيڪل پئنل جو نه هجڻ وغيره آهن، ان ڪري سنڌ جي وزير اعليٰ، وزير تعليم، چيف سيڪريٽري، ۽ سيڪريٽري ڪاليجز کي اپيل ٿي ڪجي ته هاڻي اسان ۾ وڌيڪ  وڌيڪ برداشت ڪرڻ جي سگهه نه رهي آهي، ان ڪري سنڌ جي ڪاليجي استادن کي  آزارڻ ۽ ايذائڻ جو اهو سلسلو بند ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو