ليکڪ: درياهه خان جهتيال
حالتون خراب آهن، وقت اسانجي پاسي شايد ناهي، معاشرو موٽيويشن لفظ کي گُهٽا پيو ڏئي، قدم قدم تي ڪَنڊا وڇايا ويا آهن، ڀلائي ۽ بهتري کان روڪيو پيو وڃي، پر جدوجهد اڳيان وٺيون پئي هلي، اهڙي جدوجهد جنهن سان حالتون بهتر ٿي سگهن ٿيون، وقت اسانجي چيچ پَڪڙي سڌي رستي تي اسانکي هلائي سگهي ٿو، ڪنهن کي سوڀارو ڪرڻ لاءِ به اسين ان کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ جي سگهه رکون ٿا، پيرن جي نرم تَريءَ کي تتيءَ ۽ ٿَڌيءَ سان ملائي تڪليفون برداشت ڪري سگهون ٿا، چار چڱائين جو ٻِج پوکي ان مان چار ڀلائين جو ميوو حاصل ڪري سگهون ٿا، اهڙي ذهني آٿت جدوجهد جو نالو آهي، جيڪا مخدوم بلاول ويلفيئر ايسوسيئشن سنڌ وٽ آهي، ان جي باني سجاد علي پنهور پنهنجي سَٿ سان تعليمي سيمينار ڪرايو، ڀاڳن ڀريو اهو ڏينهن 18 مئي 2021ع هو جنهن تي ڦلجي اسٽيشن شهر ۾ هڪ زبردست ”تعليمي سيمينار“ ٿيو، تمام گُھٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ تعليمي سيمينار کي مانائتو بڻائڻ لاءِ هڪ مهيني کان لاڳيتو ڪيمپين هلائي وئي، سيمينار ڪرائڻ جو مقصد اهو هو ته ٻهراڙي جا اسڪول ڪيئن شهري اسڪولن جي مد مقابل ٿين، ٻهراڙين جي اسڪولن جي شاگردن کي شهري شاگردن جي نصاب ۽ ٻئي تعليمي عمل ۾ ڪيئن شامل ڪجي، استاد، شاگرد کي ڪيئن دنيا جي ٻين ملڪن جي تعليم بابت ڄاڻ ڏين؟ والدين مستقبل جي معمار جي حيثيت کي ڪيئن بحال ڪن، سڄي ڳوٺ جا ماڻهو ٻارن لاءِ ڪيئن پڙهائي لاءِ اتساهه پيدا ڪن، ويلفيئر پاران تعليمي سيمينار ۾ سنڌ يونيورسٽي جي پرو وي سي پروفيسر سيد اظهر علي شاهه، صحافي صابر ڀنڊ، پروفيسر علي نواز پنهور، شبانا نواز پنهور، غلام حسين پنهور ۽ ٻيا خاص مهمان طور شريڪ ٿيا، تعليمي سيمينار ۾ سيشن پڻ هلايا ويا، جنهن ۾ سوالن جو سيشن به هو، ان حوالي سان هڪ ڄاڻ ملي ته ٻهراڙي جا اسڪول ان لاءِ به پوئتي آهن جو والدين پنهنجي ٻارن تي ڌيان نٿا ڏين، اها ڳالهه بظاهر ڳڻتي جوڳي آهي، پر افسوس جوڳي به ڇو جو ٻهراڙي جي اسڪولن جي حالت ڪهڙي آهي اها سڀني کي خبر آهي، حڪومت وٽ تعليم کاتو ته آهي پر ان مان ٻهراڙي شايد ”آئوٽ“ آهي جنهن ڪري ٻهراڙي جي اسڪولن مان استاد جي رٽائرڊ ٿيڻ بعد نئون استاد مقرر نٿو ٿئي، اسڪول کي تالو لڳي ٿو ته کولڻ لاءِ کاتي جي ڪنهن سرڪاري آفيسر کي پريشاني ڪانهي، جيڪي اسڪول آهن انهن ۾ به سهولت ڪونهي، شاگردن سان پيش ايندڙ مسئلن جو حل حڪومت ۽ کاتي وٽ ڪونهي، سيمينار ۾ سيشن جي جوابن ۾ ڪافي ڳالهيون اهڙيون به ٻُڌيون جنهن سان لڳي پيو ته ڄڻ پرائمري نظام کي ئي ”بريڪ“ لڳائڻ جي ڪا پلاننگ ٿئي پئي، ان سلسلي کي وائکو ڪرڻ لاءِ سيمينار جي ماڊريٽر هالار ياسين سوال پڇيا، سيمينار جا مقصد ڪجهه اهي به هئا ته سرڪار پرائمري تعليم تي ڌيان ڏئي، جنهن سان ٻهراڙي جي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جي ٻارن جي بنيادي تعليم بهتر ٿئي، ان سان گڏ سرڪار جي ڀرپور سهڪار ۽ سرڪاري گڏجاڻيون آفيسن ۾ ڪرڻ بدران ڳوٺن يا شهرن ۾ ڪجن جن ۾ والدين کي خاص مدعو ڪيو وڃي، ان سان به پرائمري اسڪولن ۾ بهتري اچي سگهي ٿي، ان کان سواءِ خانگي اسڪولن کي اين او سي ڏيڻ بدران انهن جهڙو ئي نصاب سرڪاري اسڪولن ۾ شامل ڪيو وڃي، ڇو ته سرڪاري پرائمري اسڪولن جي تعليم مفت ۽ خانگي اسڪولن جي تعليم تمام گهڻي مهانگي آهي، جنهن ۾ ٻهراڙي جي اسڪولن جا شاگرد شايد ئي ڪڏهن پهچي سگهن، مخدوم بلاول ويلفيئر ايسوسيئيشن هن سمورن تعليمي مسئلن کي سيمينار ۾ سهيڙي سڀني اڳيان بيان ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي آهي، ويلفيئر بهترين عمل ڪندي اها به روايت قائم رکي ته جن جون به علمي، قلمي، ادبي ۽ سماجي خدمتون آهن انهن کي ايوارڊن سان نوازي ٻين خدمتگارن ۾ اتساهه پيدا ڪيو، دادو تعلقي جي شهر ڦلجي اسٽيشن ۾ هي پهريون تعليمي سيمينار هو، جنهن مان گهڻو ڪجهه حاصل ٿيو، نتيجا ته سرڪار کي ڏيڻا آهن سماجي تنظيمون صرف ڳالهه رکي سگهن ٿيون، مخدوم بلاول ويلفيئر ايسوسيئيشن جي تعليمي سيمينار جو خاص مقصد علم دوستن کي اتساهڻ هو جيڪو ڪامياب ٿيو، سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ مختلف سماجي تنظيمون پنهنجي ننڍين ۽ وڏين آبادين ۾ علم جي لاٽ ٻارڻ جي ڪوشش ڪن، نتيجا ضرور نڪرندا، خاموش رهڻ مطلب پنهنجي ذهن کي مارڻ آهي.