124

ڪورونا پابندين ۾ نرمي جو اعلان ۽ احتياط جي ضرورت…..

ايڊيٽوريل

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ( اين سي او سي) ڪورونا سبب لڳايل پابندين ۾ نرمي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ اين سي او سي سربراهه اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ نرمين جو فيصلو ڪيو ويو، جاري ڪيل اعلان ۾ چيو ويو آهي ته 24 مئي کان ايس او پيز سان سياحت کولڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، ريسٽورينٽ ۽ هوٽلن ۾ آئوٽ ڊور ڊائننگ رات جو 12 وڳي تائين کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ ساڳئي وقت ٽيڪ اوي جي سهولت 24 ڪلاڪ ڪئي وئي آهي، اين سي او سي مطابق 5 سيڪڙو کان گهٽ ڪيسن وارن ضلعن ۾ مرحليوار اسڪول کولڻ جي پڻ اجازت هوندي، ان کانسواءِ پهرين جون کان ڏيڍ سئو ماڻهن سان اوپن ايئر شادي هالن ۾ پڻ تقريبن جي اجازت هوندي، پر مزارون، سئنيمائون، هوٽلن اندر کاڌو کائڻ، جم ۽ پارڪ بدستور بند رهندا، جڏهن ته ڇنڇر ۽ آچر تي بين الصوبائي ٽرانسپورٽ پڻ بند رکيو ويندو. اها انتهائي خوش آئند ڳالهه آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ آهستي آهستي گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ يقيني طور تي ان گهٽتائي ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سميت عوام جو پڻ اهم ڪردار رهيو آهي، خاص ڪري سڄي ملڪ ۾ عوام جيئن ايس او پيز تي عمل ڪيو آهي، اهو ڪنهن به ريت نه ساراهڻ ناجائزي ٿيندي، اسان اڳ به هتي لکندا آيا آهيون ته هڪ قوم جي حيثيت ۾ جڏهن به گڏيل فيصلا ٿيندا آهن ۽ انهن تي بهتر نموني عمل ٿيندو آهي ته يقيني طور تي ان جا نتيجا مثبت ئي ايندا آهن، پر جڏهن به اسان پنهنجي فيصلن ۾ ورهاست جو شڪار ٿيندا آهيون تڏهن قوم ورهائجي ويندي آهي ۽ ورهايل قومون ڪڏهن به منزلون ناهن ماڻي سگهنديون، ان ڪري اسان ڪورونا ڪيسن جي گهٽتائي کي مجموعي قومي ڪوششن جو نتيجو قرار ڏيون ٿا، جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت هاڻ ڪورونا جي سختي دوران لڳل پابندين ۾ نرمي ڪري رهي آهي، ان ۾ اسان جي نظر ۾ سڀ کان اهم نرمي اسڪولن کولڻ واري هجڻ گهرجي، ڇو ته مسلسل ٻن سالن کان اسان جو تعليمي نظام مڪمل طور تي جام ٿيل آهي ۽ ان سان هزارين نه پر لکين شاگردن سان گڏوگڏ پرائيويٽ تعليمي ادارن جي استادن ۽ مالڪن جو پڻ نقصان ٿيو آهي، مجموعي طور تي اهو قومي نقصان آهي، جنهن جو ازالو ڪرڻ لاءِ هن قوم جي استادن توڙي شاگردن کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي. جيئن اسين انهن ٻن سالن جي نقصان جو پورائو ڪري سگهون، اسان سمجهون ٿا ته سڀ کان پهرين نرمي به اسڪولن لاءِ ئي هجڻ گهرجي ۽ ايس او پيز تحت سڄي ملڪ ۾ اسڪول کوليا وڃن ته جيئن گهر ۾ ويٺي مختلف نفسياتي پريشرن ۾ ويٺل ٻارڙن کي اسڪول جو ماحول ملي ۽ اهي پنهنجون ٽينشن رليز ڪري سگهن، جيستائين سياحت کولڻ جو فيصلو آهي، اهو به انتهائي اهم آهي، ڇو ته گذريل 6 مهينن کان گهرن اندر ويهي ماڻهو ڊپريشن جو شڪار ٿي ويا آهن، پر سياحت جي  حوالي سان هنڌن تي ماڻهن جي تعداد جو تعين پڻ ڪيو وڃي، اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن اسان گڏيل سوچ ۽ حڪمت عملي سان ائين ڪم ڪندا رهياسين ته يقينن اسان هن ڏکئي دور مان به گذري وينداسين، ڇو ته تاريخ شاهد آهي ته انسانن مٿان اڳ به ڪيتريون ئي مصيبتون آيون ۽ ٽري ويون آهن، پر ان دوران جن به صبر ۽ حڪمت عملي کان ڪم ورتو، انهن جو نقصان گهٽ کان گهٽ ٿيو آهي، اميد آهي ته هاڻ حڪومت ڪوورنا ويڪسين جي موجودگي کي يقيني بڻائي سڄي ملڪ جي ماڻهن کي اها سهولت فراهم ڪندي، جيئن اسان هن مرض تي مڪمل ضابطو آڻي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو