131

ملڪ ۾ وڌيڪ 131 ماڻهو فوت، سنڌ ۾عيد کان پوءِ ڪورونا ۾ واڌ ٿي وئي، پابنديون برقرار رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد / ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وبا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 131 مريض فوت ٿي ويا ۽ 4 هزار 207 متاثر پڻ ٿيا آهن ٻن ڏينهن کان ملڪ اندر ڪورونا ۾ واڌ ٿيندي نظر اچي رهي آهي. اهڙي ريت پاڪستان ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو  انگ 19 هزار 987 ۽ متاثر ٿيلن  جو انگ 8 لک 90 هزار 391 ٿي ويو آهي، جن ۾ سنڌ ۾ 3 لک 3 هزار 323، پنجاب ۾ 3 لک 31 هزار 102، خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک 28 هزار 033، اسلام آباد ۾ 79 هزار 789، بلوچستان ۾ 24 هزار 223، آزاد ڪشمير ۾ 18 هزار 469 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 452 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ موجود متاثر مريضن جو انگ 66 هزار 282 آهي. جن مان ساڍا 4 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. هوڏانهن سنڌ حڪومت ڪورونا جا ڪيس گهٽجڻ تائين صوبي ۾ پابنديون برقرار رکڻ ۽ ويڪسين نه لڳرائيندڙ هيلٿ پروفيشنلز خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ خميس ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا وائرس جي صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن کي ڏسندي صوبي ۾ لڳايل پابندين کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو . اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رمضان المبارڪ جي پھرين ھفتي ۾ صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جو انگ 737 يعني 5.2 سيڪڙو ھو. رمضان المبارڪ جي ٻئي ھفتي کانپوءِ انگ وڌي 1155 يعني 8 سيڪڙو ٿي ويو. 13 مئي تي عيدالفطر ملھائي وئي، ان ڏھاڙي 1232 ڪيس ھئا جيڪي عيد جي ھڪ ھفتي کان پوءِ وڌي ڪري 2076 يعني 10.2 سيڪڙو ٿي ويا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 19 مئي تي ڪراچيءَ ۾ 9606 ٽيسٽون ڪيون ويون ويا جن مان 1356 ڪيس سامھون آيا جيڪا ڪورونا ۾ واڌ جي شرح  14.12 سيڪڙو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اھي انگ پريشان ڪندڙ آھن جن کي ھر صورت ۾ ڪنٽرول ڪرڻ گھرجي. ڪورونا وائرس بابت صوبائي ٽاسڪ فورس صورتحال کي ڳڻتيءَ جوڳو قرار ڏيندي فيصلو ڪيو ته صوبي ۾ لڳايل پابنديون جاري رکيون وڃن. ڇنڇر ڏينھن صوبائي ٽاسڪ فورس صورتحال جو ٻيھر جائزو وٺندو وڌيڪ سخت اپاءَ ورتا ويندا.  هوڏانهن سنڌ حڪومت پرڏيهه جو سفر ڪندڙن لاءِ ڪورونا ويڪسين شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي هدايت تي صحت کاتي ضروري انتظام پڻ مڪمل ڪري ورتا آهن. ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته  اهي پاڪستاني شهري جيڪي پرڏيهه سفر ڪرڻ لاءِ تعليمي ويزا ، ڪم ڪرڻ جو اجازت نامو يا اقامو رکندڙ آهن اهي اڄ 21 مئي کان ويڪسين ڪرائي سگهندا. ان ڏس ۾ ڪنهن به ويجهي ويڪسينيشن سينٽر تي سفري دستاويز ڏيکاري ويڪسين لڳرائي سگهجي ٿي. صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي حڪمن تي ڪورونا ويڪسين مرحلي کي وڌيڪ اثرائتو ڪرڻ لاءِ ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ قائم ويڪسينيشن سينٽر کي پورو هفتو 24 ڪلاڪ فعال رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. صحت واري وزير پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ان فيصلي سان انهن ماڻهن کي فائدو ملندو جيڪي ڏينهن جي وقت آفيس ۽ ڪاروباري معاملن جي ڪري ويڪسين نٿا لڳرائي سگهن. صوبائي وزير چيو ته سنڌ جي صحت کاتي جا ملازم ۽ پرائيوٽ سطح تي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرز، پيرا ميڊيڪس، نرسز ۽ صحت جي شعبي ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ ماڻهن کي جلد کان جلد ويڪسين لڳرائين. جڏهن ته ويڪسين نه لڳرائيندڙ هيلٿ پروفيشنلز خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي نوڪرين مان به فارغ ڪيو ويندو. هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ فرد پنهجيون ۽ ٻين جون زندگيون بچائڻ لاءِ پنهنجو قومي فرض پورو ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو