سکر (ويب ڊيسڪ) سکر ڀرسان ڪلٽي ٿيل ڪوچ جي فوتي مسافرن جو انگ وڌي 14 ٿي ويو، 30 کان وڌيڪ زخمي، ان سلسلي ۾ ملتان کان ڪراچي ويندي دبر ٿاڻي جي حد ڪلر ڳوٺ وٽ ڪلٽي ٿيل ڪوچ جي وڌيڪ 4 مسافرن اسپتال ۾ دم ڏنو، فوتين ۾ ملتان واسي رياست، محمد احمل، الهڏنو، غلام عباس، محمد شڪيل ۽ ٻيا شامل، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، زخمي مسافرن ۾ گلشير راجپوت، غلام مصطفيٰ، شڪيل احمد، صابر، محمد فاروق، محمد وسيم، محمد سليم، شهباز، ربنواز ۽ ٻيا شامل آهن، هوڏانهن حادثي جي اطلاع تي شهري ۽ رينجرز جا جوان پهتا، ايڌي رضاڪارن ۽ پوليس زخمين ۽ لاشن کي اسپتالن ۾ پهچايو، جتي ايمرجنسي لاڳو ڪري فوري طور تي ڊاڪٽر ۽ عملو گهرايو ويو، هوڏانهن ايس ايس پي عرفان سمون ۽ ڊي سي راڻا عديل تصور زخمين جي عيادت ڪئي، ڊي سي ٻڌايو ته فوتي مسافرن مان 12 ڄڻن جا لاش روهڙي تعلقي اسپتال ۽ 2 پني عاقل پهچايا ويا، جتان کين وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي جو شڪار بڻيل ڪوچ ۾ اڪثريت مزدورن جي ھئي. جيڪي عيد ڪرڻ بعد روزگار جي سلسلي ۾ واپس ڪراچي وڃي رھيا ھئا. جڏھن ته زخمي مسافرن جو چوڻ آھي ته ڪوچ ڊرائيور کي ننڊ سبب ڪوچ ڊرائيور جي ڪنٽرول کان ٻاھر نڪري وئي. جنھن سبب حادثو پيش آيو آھي.
220