ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) ميرپورخاص لڳ ڳوٺ الھه بخش مري ۾ مائٽن پاران پسند شادي ڪرائڻ ۾ مائٽي سبب رڪاوٽ وجھڻ ۽ ٻي هند شاديون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي پريمي جوڙي 18 ورهين جي پريميڪا گيتو ڀيل ۽ 19 ورهين جي پريمي رميش ڀيل دل برداشتا تي گڏيل طور پنهنجي گھر جي سامهون فجر مهل وڻ ۾ رسو ٻڌي آپگھات ڪري ڇڏيو، پريمي جوڙي پاران آپگھات ڪرڻ جي اطلاع تي حد جي پوليس لاش کڻائي سول اسپتال پهچايو، جتي پوسٽ مارٽم لاءِ ڊاڪٽر موجود نه هجڻ سبب لاش ٽن ڪلاڪن تائين مرده خاني ۾ پيل رهيا ۽ آپگھات ڪندڙن جا مائٽ ۽ پوليس پوسٽ مارٽم لاءِ انتظار ڪندا رهيا، ٽن ڪلان بعد ڊاڪٽرن جي پهچڻ ۽ پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد پريمي جوڙي جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، لاشون گھر پهچڻ تي گھرن ۾ ڪهرام مچي ويو، واضع رهي ته ميرپورخاص ۾ آپگھات جي واقعن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، هڪ ڏينهن اندر ميرپورخاص ضلع ۾ آپگھات جا 3 واقعا جڏهن ته هڪ هفتي اندر آپگھات جا 15 کان وڌيڪ واقعا ٿي چڪا آهن، پوليس ذريعن موجب ڀيل برادري جي پريمي جوڙي جي ساڳي ذات ۽ پري جي مائٽي هجڻ جي ڪري پريمي جوڙي جي شادي ٿيڻ ناممڪن هئي ۽ پريمي جي وارثن پاران ڪجھ ڏينهن بعد سندس مڱڻي جي رسم ادا ڪرڻ جو پروگرام رٿيل هو ، جنهن تي دل برداشته ٿي ٻنهي پاران آپگھات ڪيو ويو آه،ي جڏهن ته واقعي بعد علائقي ۾ جوڙي کي قتل ڪرڻ جا پڻ چو ٻول آهن ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي حد جي پراڻي ميرپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او ستار گرگيز چيو ته واقعي جي اطلاع ملڻ تي لاشون کڻائي سول اسپتال مان لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاشو وارثن حوالي ڪيو آهن، شروعاتي بيانن ۽ جانچ مطابق واقعو ظاهري طور آپگھات جو لڳي رهيو آهي، وڌيڪ حقيقتون پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد سامهون اچي وينديون، پوليس مختلف رخن تي جانچ ڪري رهي آهي.
275