لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي اسپيڪر ۽ ق ليگ پنجاب جي صدر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته پي ٽي آءِ سان طئي ٿيل معاملن تي اڄ تائين عمل نه ٿيو آهي. لاهور ۾ ڳالهائيندي چوڌري پرويز الاهي چيو ته پنجاب ۾ تبديلي جو ڪو امڪان نه آهي، جڏهن اسان ڪنهن سان گڏ هلندا آهيون ته دوکو نه ڏيندا آهيون، تحريڪ انصاف جا اتحادي آهيون، حڪومت خلاف اسان طرفان ڪڏهن به بي اعتمادي جي رٿ نه ايندي. هن چيو حڪومت جا اتحادي آهيون پر مسئلن کي منهن پيا ڏيون، جڏهن حڪومت ڦاسندي آهي ته اسان ساٿ ڏيندا آهيون، مولانا فضل الرحمان جو معاملو عمران خان جي چوڻ تي اسان حل ڪيو، چوڌري شجاعت حسين ۽ مون وڏي محنت ڪئي، اسان سان پهرئين ڏينهن جيڪي معاملا طئي ٿيا هئا، انهن تي اڄ تائين عمل نه ٿيو آهي.
