185

عمران خان جيڪڏهن مدو پورو ڪيو ته ملڪ جو ڏيوالو ئي نڪري ويندو: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته عمران خان جيڪڏهن مدو پورو ڪيو ته ملڪ جو ڏيوالو ئي نڪري ويندو. جاري ڪيل هڪ بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته اهڙو حڪمران ملڪ کي ڪيئن ٿو هلائي سگهي جنهن جي ڳالهين کي ڪير به سنجيده نه وٺندو هجي. عمران خان ڪورونا کان اڳ ئي ملڪ جي معيشت جو جنازو ڪڍي چڪو هو. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي ڪڏهن به ايتري تباهي نه  ٿي آهي جيتري رڳو اڪيلي عمران خان ئي ڪئي آهي، اسان جي ايندڙ ڪيترن ئي نسلن کي عمران خان جي آندل هن تبديليءَ جي وڏي قيمت پڻ ڀرڻي آهي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته عمران خان ۽  ان جا ساٿي پڻ پرويز  مشرف وانگر ئي ملڪ ۾ ڦر لٽ ڪري لنڊن ڀڄي ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو