213

حڪومت کان اين اين آر او ڪنهن گهريو، جيلون ڪاٽيون پيا، ڇا اها ڊيل آهي : شهباز شريف

چارسدا (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت کان اين اين آر او ڪنهن گهريو، جيلون ڪاٽيون پيا، ڇا اها ڊيل آهي،  هن حڪومت ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، بيروزگاري وڌي وئي آهي ۽ عام ماڻهو جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي. چارسدا ۾ اي اين پي جي اڳوڻي صوبائي وزير بيگم نسيم ولي خان جي لاڏاڻي تي تعزيت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته بي عملي ۽ بي تدبيري سبب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس تباهي مچائي، ڪورونا وئڪسين جو حڪومت انتظام نه ڪيو، اها ويڪسين به خيرات ۾ ملي، ڪورونا وئڪسينيشن جي معاملي ۾ بنگلاديش کان به پوئتي آهيون. هن چيو ته ڪجهه خدا جو خوف ڪيو، توهان ٽن سالن کان چور چور ڪندي ملڪ کي ڪٿي پهچائي ڇڏيو آهي، اين آر او نه ڏيڻ جو گوڙ ڪري رهيا آهيون، توهان کان اين آر او وٺي ڪير ٿو؟ هڪ سوال جي جواب ۾ شهباز شريف چيو ته جهانگير ترين ڄاڻي پي ٽي آءِ ڄاڻي، ن ليگ جو ان ۾ ڪو عمل دخل ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو