223

حڪومت جو استادن کي به ڪورونا وئڪسين لڳرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت استادن کي به جلد کان جلد ڪورونا وئڪسين لڳرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. استادن کي ڪورونا وئڪسينيشن جي حوالي سان تعليم واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اين سي او سي صوبن جي مدد ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، جڏهن ته استادن جي وئڪسينيشن لاءِ صوبائي چيف سيڪريٽرين کي خط لکيا ويا آهن. ترجمان موجب تعليمي شعبي جو نقصان گهٽائڻ لاءِ استادن ۽ امتحاني عملي جي جلد وئڪسينيشن ڪئي ويندي ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي ته استادن جي وئڪسينيشن 5 جون تائين مڪمل ڪئي ويندي ۽ امتحان شروع ٿيڻ کان اڳ امتحاني عملي ۽ سپورٽنگ اسٽاف کي وئڪسين لڳائي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو