اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ن ليگ ۾ ٻه پارٽيون آهن، شهباز شريف جي پارٽي منهنجي پارٽي آهي، اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد ن ليگ قيادت کي ڀڳوڙي قرار ڏيندي چيو ته سڄي دنيا ۾ حڪمران ملڪ ۾ رهڻ چاهيندا آهن پر هي ٻاهر ڀڄڻ چاهيندا آهن، مان ڦاهي چڙهڻ پسند ڪندس پر ملڪ کان ٻاهر نه ويندس، هن چيو ته حديبيا ريفرنس ڪجهه ڏينهن ۾ داخل ڪنداسين، شهباز شريف 15 ڏينهن اندر اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ خلاف نظرثاني اپيل ڪري سگهي ٿو، ن ليگ ۾ ٻه پارٽيون آهن ۽ شهباز شريف جي پارٽي منهنجي پارٽي آهي، مريم ۽ سندس پيءَ پنهنجي جماعت کي اتي پهچايو، سندس چوڻ هو ته پي ڊي ايم ختم ٿي وئي آهي ۽ منهنجي سڀ کان وڌيڪ همدردي مولانا سان آهي، عمران خان نظام جي بهتري لاءِ مافياز جو مقابلو ڪري رهيو آهي، وزيراعظم کي ڪنهن کان خطرو ناهي ۽ نه ڪا بي اعتمادي رٿ اچي رهي آهي، شيخ رشيد چيو ته چونڊن کانپوءِ جهانگير ترين سان رابطو ناهي ٿيو پر هو سمجهدار آهي، غلط قدم نه کڻندو ۽ ملڪ کي بحران ۾ نه وجهندو، جهانگير ترين گروپ بجيٽ ۾ عمران خان کي ووٽ ڏيندو، وزيراعظم جلد ان معاملي جو حل به ڪڍندو.
