لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت پاران سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي جي منظوري ڏني وئي آهي، وزيراعليٰ عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ ملازمن جي پگهارن ۾ فرق ختم ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو اسپيشل الائونس جي منظوري ڏني وئي، ان موقعي تي وزيراعليٰ چيو ته ملازمن جي پگهارن ۾ 15 ۽ 10 سيڪڙو اسپيشل الائونس جي تجويز رد ڪيون ٿا، سردار عثمان بوزدار سرڪاري ملازمن کي 25 سيڪڙو اسپيشل الائونس ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ، ذريعن موجب گريڊ هڪ کان 19 تائين 7 لک 20 هزار کان وڌيڪ صوبائي سرڪاري ملازمن کي اسپيشل الائونس ڏنو ويندو.
141