192

ترين گروپ ن ليگ سان رابطو ڪندو ته ضرور جواب ڏينداسين: راڻا ثناءُ الله

لاهور(ويب ڊيسڪ) ن ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ترين گروپ ن ليگ سان رابطو ڪندو ته ضرور جواب ڏينداسين، هن چيوته جهانگير ترين تحريڪ انصاف جي لاءِ خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿو، گروپ جو اعلان هاڻي  ٿيو، اهو گروپ پي ٽي آءِ جو پريشر گروپ آهي نه ليگ نه ٿي چاهي ته عثمان بوزدار کي هٽائي پاڻ پاور ۾ اچي، هن چيوته صوبائي اسيمبلي ۾ فارورڊ بلاڪ بڻجڻ جي خدشن تي پنجاب حڪومت ۾ وٺ پڪڙ مچي وئي آهي، سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ ن پنجاب جي اڪثريتي جماعت آهي، پر ان کي تسليم نه ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو