218

بلاول ڀٽو زرداري لياري ۾ پاڻي کوٽ جو نوٽيس ورتو آهي: سيد ناصر شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايتن تي واٽر مافيا خلاف ڪارروايون جاري آهن، اينٽي واٽر ٿيفٽ سيل جي انچارج راشد صديقي جي سربراهي ۾ خميس ڏهاڙي هفتي ۾ ٻي وڏي ڪارووائي ۾ لياري ندي ۾ گارڊن واري علائقي ويجهو زير زمين پاڻي چوري جي خودڪار پمپنگ اسٽيشن پڪڙي وئي آهي، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري لياري ۾ پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس ورتو آهي ۽ عوام کي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جون سخت هدايتون ڏنيون آهن، هن چيو ته واٽر بورڊ جي ٽيم گارڊن ويجهو پاڪ ڪالوني انٽرچينج وٽ لياري ندي ۾ گرينڊ آپريشن ۾ وڏي مشينري، پمپ ۽ اليڪٽرانڪس بورڊ هٿ ڪري قبضي ۾ وٺي ڇڏيا هن چيو ته جوابدارن لياري کي پاڻي سپلائي ڪرڻ واري 33 انچ جي مرڪزي  لائن ۾ 9 انچ جو ڪنيڪشن لڳايو هو، سيد ناصر حسين شاهه چيو ته 20 فوٽ جي اوناهي کان واٽر بورڊ جي لائن جو پاڻي هڪ غير قانوني  پمپنگ اسٽيشن وٽ پهچايو پئي ويو ۽ ان پاڻي کي زير زمين پاڻي ظاهر ڪري سائيٽ جي انڊسٽريل ايريا کي سپلائي ڪيو پئي ويو، جڏهن ته لاڳاپيل ادارن جي چڪاس دوران خودڪار نظام ذريعي کارو پاڻي آن ڪيو ويندو هو. هن چيو ته واٽر مافيا غير قانوني لائنون وڇائي، فيڪٽرين ۾ پاڻي جا ميٽر لڳائي، واٽر بورڊ جو پاڻي وڪرو ڪري هر مهيني ڪروڙين رپيا هڙپ پئي ڪيا ويا ته ٻئي پاسي شهرين کي پاڻي کان محروم ڪيو پئي ويو. سيد ناصر حسين شاهه هلندڙ هفتي پاڻي چورن خلاف ٻي وڏي ڪامياب ڪارروائي ڪرڻ تي انچارج راشد صديقي ۽ سندس ٽيم جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪندي هدايت ڏني ته پاڻي چورن خلاف ڪارروائيون جاري رکيون وڃ.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو