120

چمن ۾جي يو آءِ اڳواڻ جي گاڏي ڀرسان بم ڌماڪو،7 ڄڻا شهيد،مولانا عبدالقادر زخمي

چمن(ويب ڊيسڪ) چمن ۾جي يو آءِ اڳواڻ جي گاڏي ڀرسان بم ڌماڪي ۾7 ڄڻا شهيد، مولانا عبدالقادر سميت 14 ڄڻا زخمي، رپورٽ موجب  چمن جي علائقي بوغره چوڪ مرغي بازار وٽ جي يو آءِ نظرياتي گروپ جي نائب امير مولانا عبدالقادر جي گاڏي ڀرسان ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي ۾7 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته مولانا عبدالقادر سميت 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب  ڌماڪو موٽرسائيڪل ذريعي ڪيو ويو،جي يو آءِ نطرياتي اڳواڻ مولانا عبدالقادر کي نشانو بڻايو ويو هو، واقعي واري هنڌان تباهه ٿيل موٽرسائيڪل ملي،ٻيون شاهديون به هٿ، وڌيڪ جاچ  ڪري رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

2 تبصرے “چمن ۾جي يو آءِ اڳواڻ جي گاڏي ڀرسان بم ڌماڪو،7 ڄڻا شهيد،مولانا عبدالقادر زخمي

پنهنجي راءِ ڏيو