ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل ۾شامل ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان عماد وسيم چيو آهي ته پي ايس يل جا ميچ ابوظهبي ۾ ٿي رهيا آهن، جيڪا خوشي جي ڳالهه آهي، هن چيو ته ابوظهبي ۾ گرمي هوندي پر ان سان فرق نه پوندو، ڇو ته پاڪستان ۾ به هن وقت گرمي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ عماد وسيم چيو ته ڪورونا کان پوري دنيا احتياط ڪري رهي آهي، پي سي بي کي هن دفعي بايو سيڪيور ببل مثالي بڻائڻو پوندو، ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان جو چوڻ هو ته آئون صرف ڪرڪيٽ کيڏڻ چاهيان ٿو جتي به موقعو مليو ڪرڪيٽ کيڏندس،قومي ٽيم ۾کيڏڻ جو الڳ مزو آهي.
248