سيون(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا جي سائسندانن پاران انسانن لاءِ مصنوعي ٽين اک تيار ڪئي وئي آهي، سائنسدانن مطابق مصنوعي ٽين اک وڌيڪ موبائيل استعمال ڪندڙن لاءِ تيار ڪئي آهي، موبائيل وڌيڪ استعمال ڪندڙن جو سڄو ڌيان هلندي ڦرندي موبائيل ۾ هوندو آهي، مختلف ٽين اک لڳائڻ سان ئي هو پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيندي. جيڪا رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽ بابت فوري طور گهنٽي وڄائي خطري جي آگاهي ڏيندي.
