241

گهوٽڪي ۾ ڪڻڪ جو ٽارگيٽ مڪمل نه ٿيو، نواب مهر خريداري سينٽر ۾ مٽيءَ ملائڻ جو انڪشاف

ميرپورماٿيلو (ويب ڊيسڪ) ضلعي گهوٽڪي ۾ سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ خريداري جو مليل ٽارگيٽ پورو ٿيڻ انتهائي مشڪل بڻجي ويو. ان سلسلي ۾ خوراڪ کاتي گهوٽڪي جي ويجهن ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب سنڌ حڪومت جي پاليسي تحت گذريل ٻن سالن دوران خوراڪ کاتي جي خريد ڪيل ڪڻڪ ۾ خرد برد ڪري ڪرپشن ۾ ملوث فوڊ انسپيڪٽرن ۽ فوڊ سپروائيزرن کي ٻيهر ڪڻڪ خريداري سينٽر جو انچارج نه ڪرڻ جي حڪمن کي اڳوڻو ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر الهورايو ڪيريو پاران سنڌ حڪومت جي حڪمن کي ٿڏي ضلعي گهوٽڪي جي ڪيترن ئي ڪڻڪ خريداري سينٽرن تي ڪرپشن ۾ ملوث ۽ ڪيسن ۾ نامزد ٿيل فوڊ انسپيڪٽر کي مقرر ڪري ڪڻڪ خريداري جي سينٽرن جو انچارج بڻائي ڇڏيو هو ۽ ڪرپشن جي انتها ڪندي اڳوڻي ڊي ايف سي پنهنجي ڪميشن وٺڻ کانپوءِ اوچتو بدلي ڪرائي هليو ويو بعد ۾ ايندڙ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر پاڻ به ڪرپشن جي الزام هيٺ مشوري ماڻيندڙ خوراڪ کاتي جي ملازمن جي لسٽ ۾ شامل هجڻ باوجود ڊسٽرڪٽ گهوٽڪي جي چارج وٺندي ڪيترن ئي ڪرپٽ فوڊ سپروائيزرن ۽ انسپيڪٽرن کي سينٽرن جا انچارج بڻائي ڪڻڪ خريداري جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته هن وقت ضلعي گهوٽڪي ۾ ڪڻڪ خريداري جو ٽارگيٽ پورو ٿيڻ انتهائي مشڪل بڻجي ويو آهي. جڏهن ته ڪڻڪ خريداري سينٽر نواب مهر جي انچارج سنجي ڪمار پنهنجو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ نه ملڻ جي صورت ۾ نامعلوم شهر کان ناقص پراڻي سستي اگهن تي ڪڻڪ خريد ڪري نئي خريد ڪندڙ ڪڻڪ ۾ ملاوٽ ۽ مٽي ملاوٽ ڪرڻ جو عمل شروع ڪندي گودام جا دروازا بند ڪري مزدورن کي ڊبل ڏهاڙي ڏئي نئي خريد ٿيل ڪڻڪ ۾ مٽي ۽ ناقص پراڻي ڪڻڪ ملاوٽ ڪرائي ڇڏي آهي اهڙي ڪن ڀڻڪ ميڊيا کي پوڻ شرط سينٽر انچارج سنجي ڪمار شڪ جي بنياد تي ڪجهه مزدورن کي نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي ۽ باقي رهيل مزدورن کي ميڊيا توڙي ڪنهن به آفيسر آڏو ڪابه حقيقت ٻڌائڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ميڊيا جا فوٽو گرافر جئين ئي سينٽر نواب مهر تي پهتا ته مزدور ڪڻڪ ۾ مٽي ۽ پراڻي ڪڻڪ ملاوٽ ڪري رهيا هئا جن ميڊيا جي فوٽو گرافر کي ڏسندي هڪدم ڪم بند ڪندي فوٽو گرافر کي ٻاهر ڪڍي گودام جو دروازو بند ڪري ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو