ڄامشورو(ويب ڊيسڪ) ڄامشورو ڀرسان گلشن شھباز واري علائقي مان 30 ورهين جي شخص جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي، ڄامشورو ٿاڻي جي حد ۾ پراڻي ٽول پلازه ويجهو گلشن شهباز واري علائقي مان سنسان روڊ تان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جيڪو لاش ڄامشورو پوليس اطلاع ملڻ تي کڻائي سول اسپتال حيدرآباد جي مرده خاني منتقل ۾ منتقل ڪيو آهي، علائقي جي پوسٽ انچارج اي ايس آءِ لال بخش شاهاڻي همراهه جي عمر 30 ورهين جي لڳ ڀڳ آهي، کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، جنهن کي نشانو بڻائي ڪري قتل ڪيو ويو آهي، واردات ۾ استعمال ٿيندڙ لوهي پائيپ ۽ ڇري هٿ ڪئي وئي آهي، مقتول جو منهن چچريل ۽ ڪا به سڃاڻپ واري شئي نه ملڻ ڪري ان جي سڃاڻپ نه ٿي آهي جنهن جي ڪري لاش سول اسپتال جي مرده خاني ۾ رکرايو ويو آهي، جڏهن ته اڄ لاش جي فنگر پرنٽ وٺي سڃاڻپ ڪرائي ويندي.
