197

صحت لاءِ انتهائي فائديمند ميوو انب

ليکڪ: الطاف ابڙو

 انب کي ميون جو بادشاهه ته سڏين ئي ٿا پر جيڪڏهن ڪو انب کي جنت جو ميوو چئي ته اهو به غلط نه ٿيندو. هي گرمين جو خاص تحفو آهي. جيڪو ننڍي وڏي سڀ کي وڻي ٿو، دنيا جا سڀ کان ڀلا ۽ سوادي انب سنڌ سميت ننڍي کنڊ يعني پاڪستان ۽ ان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ٿين ٿا، انب قلمي ۽ تخمي ٻن قمسن جا ٿيندا آهن. ڪچي انب کي يا اهڙو انب جنهن ۾ جيستاتين ککڙو پيدا نٿو ٿئي ان کي انبڙي به چون، انبڙي نه صرف ڪچي ۽ رکي کائي سگھبي آهي پر انبڙين مان مختلف قسمن جا آچار ۽ مٺائيون به تيار ڪيون وينديون آهن، ان کان سواءِ انبڙيون يا ڪچو انب خاص ڪري ٻارڙيون گھڻي شوق سان کائين. جڏهن ته ان جو استعمال ٻوڙن ۽ ڀاڄين ۾ به خوب ٿئي ٿو ته وري جتي هن جو الڳ آچار ٺاهيو ٿو وڃي اتي ٻئي ڪنهن به آچر ۾ ان جي شموليت ان جي ساءُ ۽ سواد ۾ اضافو ڪري ٿي ڇڏي. انبڙي جو مربو ته ٻارن جو پسنديده کاڄ ٿئي ٿو، تخمي انب کي چوسڻ ۽ قلمي کي وڍي ڦارون ڪري کائڻ پسند ڪيو ويندو آهي، انب دنيا جو سڀ کان وڌيڪ لذيذ ميوو آهي. اهو ئي سبب آهي ته ان کي ميون جو بادشاهه سڏيو وڃي ٿو، اهو ميوو نه صرف تمام گھڻو سوادي آهي پر اهو غذائيت سان به ڀرپور آهي. انب ۾ ڪاربوهائيڊريٽس (نشاستا) ۽ ڪارائتا سڻڀ وڏي مقدار ۾ ٿين ٿا. ان ۾ وٽامن اَي، سي، ڪئلشيم، فولاد ۽ پوٽاشيم توڙي گلوڪوز به وڏي مقدار ۾ ٿيندا آهن، انبن ۾ موجود ڪئلشيم خاص ڪري هڏين لاءِ تمام گھڻي فائدي واري آهي،  انب جسماني ڪمزوري کي ختم ڪري ٿو. رت پيدا ڪري ٿو، ڪمزور بت کي سگھارو بڻائي ٿو،  انب جگر، دل، دماغ ۽ مشڪن کي گرمي کان بچائي ٿو، ڪمزور ٻارن کي خاص طور انب کارائڻ گھرجن، جو اهي سندس جسماني واڌ ويجھه توڙي ذهني اوسر جو اهم ذريعو آهن، انب کنگھھ ۽ دم جي مريضن لاءِ به لاڀائتو آهي. جڏهن ته انب جي دماغ کي تقويت ڏيڻ سبب انسان جي حافظي کي به فائدو رسي ٿو ۽ ان جي يادگيري مضبوط ٿئي ٿي. جڏهن ته انب ڊپريشن کان به بچائي ٿو ته وري سوچڻ ۽ سمجھڻ جي صلاحيتن ۾ اضافي جو سبب به بڻجي ٿو، انب ڪئنسر، چمڙي ۽ دل جي بيمارين کان تحفظ فراهم ڪري ٿو، انب ۾ موجود پوٽاشيم بلڊپريشر تي ضابطو ڪري ٿي، گڙدي جي پٿري ۾ فائديمند آهي، انب جي استعمال سان جسم ۾ نئون رت ٺهي ٿو، ان جو استعمال ڪوليسٽرول کي گھٽائي ٿو ۽ معمولي شگر ختم ڪري ٿو. جڏهن ته جسم مان زهريلن مادن جي صفائي ۾ به انب جو اهم ڪردار آهي، يوناني ۽ هندستاني طب موجب انب جو تاثير گرم آهي، کنگهه ۽ ساھه ۾ اهو فائدي وارو آهي. دل، دماغ، جگر، آنڊن ۽ بڪين کي طاقت بخشي ٿو، وات جي ڌپ ختم ڪري ٿو، هاضمي کي درست رکي ٿو. مزي جي ڳالهه ته ان سان انساني چمڙي جو رنگ حقيقت ۾ نکري ٿو. جيڪو رنگ گوري ڪرڻ وارين ڪريمن سان رڳو وقتي طور صاف ٿئي ٿو، انبن جي پوک جيتوڻيڪ زراعت واري شعبي سان واسطو رکي ٿي ۽ انب هڪ روڪ يا نقد واري پوک آهي، پر انب هن وقت هڪ اهم صنعتي واپارڪو وکر به آهي، انبن جو نه صرف دنيا ڀر ۾ روانگي واپار ڪيو ويندو آهي، پر انبن مان تيار ڪيل مختلف قسم جون شيون جهڙو ته جئم، جيلي ۽ پڪلس وغيره ۾ استعمال ٿين ٿا، کاڌن جي سواد ۾ اضافي جو سبب آهن. انبن جا مختلف قسم آهن، جنهن ۾ دسهري، چونسو، انوررٽول، لنگڙو فجري، سنڌڙي،  مالدا ۽ طوطاپوري  وغيره. دسهري: هي صورت شڪل ۾ ڊگھو ٿيندو آهي. رنگ پيلو ۽ کل سنهڙي ٿيندي اٿس ۽ ڳر سان چنبڙيل ٿيندي آهي. ڳر گھاٽي پيلي، نرم ۽  سوادي ٿيندي آهي، سنڌڙي: سنڌڙي آني جهڙو ۽ ڊگھيرڙو ٿيندو آهي. ٻين انبن کان ماپ ۾ به وڏو ٿئي، کل پيلي، ترڪڻي سنھي ۽ ڳر سان چنبڙيل هوندي اٿس، ڳر مٺي رسدار ٿئي ٿي، ککڙي ڊگھي ۽ ٿلھي اٿس. چونسو: ڪي قدر ڊگھو، کل ڪجھھ ٿلھي، نرم ۽ پيلي ٿيندي اٿس. چونسي جي ڳر پيلي ٿيندي آهي، جڏهن ته ان جي هڪ خاص خوشبو به ٿيندي آهي، جيڪا ان جي سواد کي وڌائي ڇڏي ٿي، ککڙي ڊگھي ٿيندي اٿس، جنهن ۾ ريشو گھٽ ٿئي ٿو،  انوروٽول: آني جهڙي نموني جو هي انب نه گھڻو وڏو ٿئي نه ئي ننڍو، ان جي کل ترڪڻي، ساواڻ واري پيلي ٿيندي آهي، ڳر بناريشي واري، ڳاڙھسري پيلي، سخت، مٺي ۽ رسدار ٿيندي آهي،  لنگڙو: آني جهڙو هي انب ڪي قدر ڊگھو به ٿيندو آهي. کل ترڪڻي، سنهي ۽ ڳر سان ڇنبڙيل هوندي اٿس. ڳر ڳاڙھسرو پيلي، نرم ۽ مٺو رسدار هوندو آهي، فجري: فجري ڳاڙھسري پيلي کل وارو ڊگھو انب آهي. هن سواد ۾ سوائي انب ۾ ريشو نالي ماتر ۽ رس تمام گھڻي ٿيندي آهي، جڏهن ته ککڙي ڊگھي، ٿلھي ۽ ريشيدار اٿس،  مالدا: هي انب ماپ ۾ وڏو ۽ وزن ۾ ڪلو کان ويندي ڏيڍ ڪلو جو به ٿئي. کل سائي اٿس ۽ ڳر پيلي ۽ مٺي اٿس، طوطاپوري انب: ھي انب پيرسيرو سائو ٿيندو آھي، کٽي مٺي سواد وارو طوطاپوري انب چھنبارو ڊگھو ميوو آھي، جنھن جي ککڙي  لسي ۽ ڊگھيري ٿئي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو