ليکڪ: عبداش پنهور
ايوبي آمريتي دور ۾ ون يونٽ مخالف هلچل دوران شاگردن جي تحريڪ هڪڙي اهڙي عمل جي تاريخ آهي جيڪا انساني تاريخ سان پڻ ڳنڍيل حوالو رکي ٿي،“سنڌي ٻولي قومي ٻولي ”جو نعرو لڳائڻ وارو شاگرد اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي هو، تنهن سموري تحريڪ جي اڳواڻي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ڪري رهيو هو، تنهن تحريڪ دوران پهريان پهريان گرفتاريون به سنڌهاري ڪاميٽي جي ڪارڪنن ۽ حامي شاگردن جو ٿيون هيون، اسان واري ٽهي کي خبرئي ناهي ته ايوبي آمريت خلاف سنڌهاري ڪاميٽي جوولهار ڪهڙي طرح سان پ ٽ الف کان سگا ۽ سنڌي ادبي سنگت تائين جُڙيل هو،اصل ۾اهو باباءِ سنڌڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو پکيڙيل ڄارهو، اسان واري ٽهي جڏهن ساماڻي تڏهن ڳوٺ لڌو بروهي واسي چاچو عارب بروهي جهونو ٿي چُڪو هو ڪامريڊ ميرمحمد ٽالپر جي چٿرڪتاب ”ڪارامنهن ،موچارامنهن“ ۾ اهو چاچو عارب بروهي موچاري منهن وارو ڪردار آهي، پرائمري استاد تحريڪن جو ارڏو ڪرادر عباس سهتو جهونو ٿي چُڪو هو،اصل هالاڻي بهلاڻي جو رهواسي هو، پر زندگي جو وڏو حصو هن دوڙ شهر ۽ ڀر پاسي ۾ ماستري ڪندي گذاريو، جڏهن استاد عباس سهتو جوڀن جواني ۾ هو تڏهن محراب پور باباءِ سنڌڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي ساٿين جي هلچل جو ڳڙهه رهيو، تحريڪ جا ان تي اثر پيا،چوڌرين ۽ ظالم زميندارن خلاف کريون ٻڌائڻ وارو استاد عباس سهتو ڪير سڏائي، سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳوڻي صدر ڪامريڊ غلام رسول سهتي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته اهو باباءِ سنڌڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو فڪري ورڪرهو، جيڪو هاڻ 3 اپريل تي لاڏاڻو ڪري ويو آهي، تاج مري هڪڙي ڀيري چيو ته باباءِ سنڌڪامريڊ حيدربخش جتوئي کان پوءِ سنڌهاري ڪاميٽي جي هلچل ۾ ماٺار اچي وئي هئي پر سهتي ۽ اسان گڏجي جهر جهنگ پهچي تنظيم سازي ڪئي يونٽ کوليا ڳوٺن ۾ وڃي سنڌهاري ڪاميٽي کي ٻيهر متحرڪ ۽ منظم ڪيو، اڳتي هلي جڏهن ڪميونسٽ تحريڪ ۾ فڪري اختلاف ٿيا تڏهن باباءِ سنڌڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي هاري تنظيم ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، هڪڙن سنڌي هاري تحريڪ جي نالي سان ڪم شروع ڪيو ته ٻيا ساڳي سنڌهاري ڪاميٽي جي نالي سان ڪم ڪندا رهيا انهن ۾ سنڌهاري ڪاميٽي جي اڳوڻي صدر ڪامريڊ غلام محمد لغاري کان مولوي رشيد انڍڙ ۽ عزيزالله جروار تائين ڪردار پڻ شامل آهن، اڳتي هلي سنڌهاري ڪاميٽي ۾ غلام رسول سهتو وڌندي لوڪ نظر اچي ٿو، جنهن سان تاج مري ۽ صالح بلو کان چاچا شاهه محمد دراني، غلام قادرمرراڻي ۽ روچي رام جهڙا ڪردار ساماڻا، تڏهن هڪڙي ڪاري دورکي مات ڏئي ٻئي ڪاري دور يعني ضيائي آمريت خلاف ميدان مچي چُڪو هو، انهن سڀني ڪردار جي حوصلي جي علامت صرف ۽ صرف باباءِ سنڌڪامريڊ حيدربخش جتوئي جهڙو ارڏو انقلابي ڪردار هو، تڏهن منصور ميراڻي جو هاري گيت ”جنڊ جُڙي، مال ڇُڙي ،باک ڦُٽي ٿي،او ساٿي رات کُٽي ٿي، “گونجار بڻجي چُڪو هو، مٿان شيخ اياز جي انقلابي رومانس وارن گيتن جي گونجار تيز ٿي وئي، شمشيرالحيدري کان ڊاڪٽر تنوير عباسي تائين ترقي پسند اديب شاعر باباءِ سنڌڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي هلچل جو حصو ٿي ويا ۽ ڊاڪٽر آڪاش انصاري به چئي ڇڏيو ته”جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا، هن ڀونءِ سڄي جا ڀاڳيا“ استاد بخاري به پنهنجو پاڻ کي انهي هلچل کان پري نه ڪيو ۽ گهٽ راشد مورائي به نه ڪئي ۽ انقلابي گيت ميدان تي موجود هو، سرويچ سجاولي کان ابراهيم منشي جي گيتن تائين هاري انقلابي گيتن جي گونجار لڳي وئي ،اهو سياسي شعور سنڌ ۾ باباءِ سنڌڪامريڊ حيدربخش جتوئي برپا ڪيو هو، هالا-شهدادپور روڊ باقر موري وارو مرحوم عطا محمد نظاماڻي، کڏهڙي ضلعي سانگهڙ ۾ جنم وٺندڙ برک صحافي ارشادگلاباڻي، ڪرم خان نظاماڻي ڳوٺ وارو جهونو هاري اڳواڻ داد علي بخش، حيدرآباد ضلعي کي سياسي هلچل جو ڳڙهه بنائڻ وارو جهونو هاري اڳواڻ مرحوم ڪامريڊ احمد خان لغاري جيڪو پڻ تازو وڇڙي ويو آهي، کان سموري هلچل ۾ ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي سندس تمام ويجهو ساٿي شاعر نبي بخش همدرد زنئور،سليمان رستماڻي، ڪاڇي واسي جهونو هاري اڳواڻ بصر رستماڻي، ضلعي دادو ۾ ڪيترائي سال ضلعي صدر رهندڙ سنڌ هاري ڪاميٽي جو سرگرم اڳواڻ واحد بخش وگهيو، اها جهوني جڳت آهي جنهن جي سياسي هلچل باباءِ سنڌڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي تنظيم سان جُڙيل رهي، چاچا اسماعيل قريشي سڳيون سوڀو ديرو کي ڳڙهه بڻايو هو، ڳوٺ ڀيلار ۾ امام الدين ڀيلار، راڻي ۾ اڪبر اڪلهوڙو سرگرم هاري ورڪر رهيا، ضلعي سکر ۾ کروهي جو کرو انقلابي ڪامريڊ مانڌل شر، رئوف دايو، اياز لطيف دايو،پريل دايو،غلام سرور سميجو، سرور سيف سومرو، شبير بيدار ڀٽو کان اختيار ڀٽو تائين مجيد نواز مغل، ارشاد پيرزادو کان نعيم شيخ تائين اها سموري جڳت باباءِ سنڌڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي سنڌهاري ڪاميٽي جي ولهار ۾ نه رڳو جُڙيل رهي پر سرگرم پڻ رهي، ان سڄي جدوجهد کي ميڙيندڙ ۽ سهيندڙ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي اڄ ورسي آهي، جنهن کي سنڌ اڄ سرخ سلام موڪلي ٿي.