113

شهباز شريف يا جهانگير ترين حڪومت لاءِ خطرناڪ ڪير..؟؟

ليکڪ: سهيل وڙائچ

وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي وزيراعليٰ شهباز شريف سان رقابت لڪائڻ سان به نٿي لڪي، وفاقي حڪومت ۾ ڪم ڪندڙ سمورن اعليٰ عهديدارن کي اها خبر آهي ته خان صاحب کي شهباز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي ڏٺي نٿا وڻن،ڪابينا جا اڪثر ميمبر سمجهن ٿا ته خان صاحب پنهنجو اصلي سياسي مخالف نواز شريف کي نه پر شهباز شريف کي سمجهي ٿو، سندس خيال ۾ شهباز شريف ئي مخالف ڌر جو اهو اڪيلو اڳواڻ آهي جيڪو اصل اقتدار ڌڻين جو پسنديده آهي ۽ ڪنهن به تبديل ٿيندڙ صورتحال ۾ اهو عمران خان جو متبادل ٿي سگهي ٿو، ان جي ڪري عمران خان شهباز شريف تي خاص نظر رکي ٿو، شهباز شريف خلاف ڪيس هجن، سندس وڏي وزير طور ڪارڪردگي هجي يا وري بيان هجن، هر هڪ تي تحريڪ انصاف جي ترجمانن جو زوردار ردعمل ايندو آهي، شهباز شريف جي ضمانت تي آزادي هجي يا وري ان جي پرڏيهه وڃڻ جي ڳالهه هجي، تحريڪ انصاف ڪنهن به معاملي تي کيس آزاد ڇڏڻ نٿي چاهي، شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ان ڏينهن ملي جنهن ڏينهن وزيراعظم سعودي عرب جي سرڪاري دوري تي وڃڻ وارو هو، اتفاق اهو ٿيو ته دوري ۾ 2 ڪلاڪ ان لاءِ دير ٿي جو سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پيغام موڪليو ته هو وزيراعظم جو پاڻ ايئرپورٽ تي استقبال ڪرڻ چاهي ٿو، ان ڪري عمران خان 2 ڪلاڪ دير سان سعودي عرب روانو ٿيو پر اها دير شهباز شريف جي حوالي سان وڏو مسئلو بڻجي وئي، جيڪڏهن شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو وزيراعظم جي سعودي عرب وڃڻ کانپوءِ ٿئي ها ته ان ڳالهه جو امڪان هو ته تحريڪ انصاف ردعمل ڏيڻ ۾ دير ڪري ڇڏي ها ۽ ان وقت مان فائدو کڻي شهباز شريف پرڏيهه روانو ٿي چڪو هجي ها پر عمران خان جي دوري ۾ 2 ڪلاڪن جي غير متوقع دير سڄي راند خراب ڪري ڇڏي، عمران خان طور تي هنگامي اجلاس گهرايو ۽ پنهنجي وزيرن ۽ ترجمانن کي هدايت ڪئي ته شهباز شريف جي ٻاهر وڃڻ جي ڄمي مخالفت ڪرڻي آهي، انهن ٻن ڪلاڪن ۾ حڪومت پاليسي ٺاهي ٻئي ڏينهن صبح جو شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، خان صاحب ۽ ان جي جماعت شهباز شريف کي روڪي ڪهڙو تاثر ڏيڻ چاهي ٿي؟ ظاهر آهي ته پهرين ۽ ظاهري ڳالهه ته اها آهي ته شهباز شريف جي ٻاهر وڃڻ سان حڪومت جي احتسابي ايجنڊا کي نقصان پهچي ٿو، پر اصل ۽ اندروني ڳالهه اها آهي ته حڪومت شهباز شريف کي روڪي اهو ثابت ڪرڻ چاهي ٿي ته اها اپوزيشن سان ڪنهن ڊيل يا رعايت لاءِ تيار نه آهي ۽ ٽئين ڳالهه اها آهي ته حڪومت شهباز شريف ۽ طاقتورن وچ ۾ تعلق کي به ماڻهن آڏو ايڪسپوز ڪري پنهنجو سياسي قد وڌائڻ چاهي ٿي، حڪومت جو خيال آهي ته جيڪڏهن شهباز شريف ٻاهر هليو ويو ته ائين لڳندو ته شهباز شريف ۽ طاقتورن ۾ ڪا ڳجهي انڊراسٽينڊنگ ٿي چڪي آهي، تڏهن ئي ته ان کي اها رعايت ملي آهي، ٻئي طرف حڪومتي چاهي ٿي ته پهريان ته اها ان دوري کي روڪي ان تاثر کي ئي ختم ڪري ڇڏي ته ڪا ڊيل هلي رهي آهي پر فرض ڪريو جيڪڏهن ان باوجود شهباز شريف هليو وڃي ٿو ته پوءِ هڪ منفي تاثر اڀاريو ويندو ته شهباز شريف ڌر ڌڻين سان ڊيل ڪري ويو آهي ته جيئن ان کانپوءِ حڪومت، اقتداري قوتن ۽ مخالف ڌر ٻنهي مٿان سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري سگهي. پنجاب ۾ شهباز شريف جي ڪارڪردگي جو جادو اڃا به قائم آهي، شايد اهو ئي سبب آهي جو وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن ۾ ملتان ۾ جهرڪي ۽ باز جو مقابلو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن دعويٰ ڪئي ته بوزدار جي ڪارڪردگي شهباز شريف جي ڪارڪردگي کان گهڻي بهتر آهي، سندس ان فرمان تي صوبائي ڪابينا جا ڪيترا ئي سينيئر ميمبر به کلندا رهيا، پر هڪ ميمبر ته خان صاحب سان ملاقات ۾ چئي ڇڏيو ته آئون بوزدار جي عزت ڇو ڪيان؟ ڇا ميرٽ ۾ اسان کان بهتر آهي؟ اسان کان وڌيڪ پڙهيل لکيل آهي؟ پارٽي ۾ اسان کان وڌيڪ پراڻو آهي؟ يا پرڏيهه مان ڪا خاص ڊگري وٺي آيو آهي؟ ان جي عزت ڇو ڪئي وڃي، جڏهن ته سندس ڪارڪردگي به انتهائي خراب آهي. شهباز شريف کانسواءِ هن وقت ٻيو وڏو مسئلو جهانگير ترين جو آهي، جهانگير ترين کي ڄاڻڻ وارا چون ٿا ته هو ڪچي زمين تي پير ناهي رکندو يعني پنهنجا فيصلا انتهائي سوچي سمجهي ۽ ڏسي وائسي ڪندو آهي.ترين گروپ طرفان قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ فارورڊ بلاڪ قائم ڪرڻ هڪ اهم سياسي اڳڀرائي آهي. جيتوڻيڪ ترين جي احتساب جي حوالي سان  بئريسٽر علي ظفر جي ذميواري لڳڻ کانپوءِ ائين ظاهر ٿي رهيو آهي ته هاڻ وڌيڪ انتقامي ڪاررواين جو سلسلو بند ٿي ويندو ۽ ننڍا وڏا مسئلا ائين هلندا پر دراصل وڏن معاملن تي انڊراسٽينڊنگ ٿي چڪي آهي پر ٻئي طرف ترين گروپ طرفان الڳ گروپ بڻائڻ وارو فيصلو اهو اشارو ڏئي رهيو آهي ته ترين گروپ صرف جهانگير ترين خلاف احتساب ڪاررواين جي حوالي سان منظرعام تي ناهي آيو پر ان جا مقصد سياسي آهن ۽ اڳتي هلي اهو هڪ اثر رکندڙ پريشر گروپ بڻجي سگهي ٿو، سياسي حلقن ۾ اڪثر اهو سوال اٿاريو پيو وڃي ته ڇا ترين گروپ وفاقي حڪومت يا پنجاب حڪومت ڪيرائڻ ۾ (ن) ليگ يا مخالف ڌر سان گڏجي ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو؟ ترين گروپ هجي يا مخالف ڌر جا ٻيا اڳواڻ اهي سڀ ڪنهن اهڙي سگنل جي انتظار ۾ آهن، جنهن سان ائين لڳي ته حڪومت ۽ ڌر ڌڻي هاڻ هڪ صفحي تي نه آهن، جيئن ئي اهو سگنل ملندو تيئن نئين طرح سان سياسي صفبندي ٿيندي ۽ نئين سياسي راند جي شروعات به ٿي ويندي، هونئن ته چونڊون 2023ع ۾ طئه آهن پر جيئن جيئن وقت اڳتي وڌي رهيو آهي، مستقبل جي تاش لڳڻ شروع ٿي ويندي، موجوده حڪومت جهڙي رفتار سان معاشي ڪُن ۾ ڦاسندي پئي وڃي ۽ گورننس ۾ ڪا بهتري نه پئي نظر اچي ان سان سندس ايندڙ ٽرم لاءِ چونڊ کٽڻ ڏکيو ٿيندو ويندو،  سچ ته اهو آهي ته سمورن الزامن ۽ ڪيسن باوجود پنجاب ۾ اڃا تائين (ن) ليگ جو سحر ۽ ووٽ بينڪ قائم آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ ٻي وڏي پارٽي جي طور تي سامهون اچي رهي آهي، ايندڙ مقابلو ته انهن ٻنهي پارٽين جو ئي ٿيندو، پي ٽي آءِ جو ووٽ بينڪ وڌيو آهي پر ٻئي طرف مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب حڪومت کان شڪايتون به گهڻيون وڌيون آهن، گذريل سمورين ضمني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جو ووٽ بئنڪ 2018ع کان ته گهڻو آهي پر (ن) ليگ کان اڃا به گهٽ آهي، اهو ئي سبب آهي جو پي ٽي آءِ هڪ کانسواءِ ڪا به ضمني چونڊ کٽي ناهي سگهي. پي ٽي آءِ جو ووٽ وڌڻ سبب ان جي مقبوليت نه پر نظام جي ڪريڪشن آهي،  يعني سياست ٻيهر 2 پارٽي نظام طرف موٽي رهي آهي، اڳ جيڪو ووٽ پيپلزپارٽي، جماعت اسلامي يا آزاد اميدوارن کي پوندو هو، هاڻ اهو سڌي ريت ٻنهي وڏين پارٽين يعني (ن) ليگ ۽ پي ٽي آءِ کي پئجي رهيو آهي، لڳي ٿو ته ايندڙ چونڊن تائين اها صورتحال برقرار رهندي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ ڪو معاشي ڪارنامو ڏيکاري ورتو ته پوءِ ته ان کي سياسي فائدو ٿيندو، پر اها ئي بي ڍنگي چال رهي ته پوءِ ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي هٿ ملڻا پوندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو