ليکڪ: حاڪم نصيراڻي
قومن جي ترقي جو راز معياري تعليم تي آھي، ڪائنات جي مخفي رازن جي پروڙ صرف علم سان ئي ممڪن آھي، انساني ڀلائي ۽ بهتري لاءِ تعليم ئي ڪارگر هٿيار طور ڪتب اچي ٿي، معياري تعليم وسيلي زمين جي ڇاتي چيري وڌ کان وڌ خوراڪ حاصل ڪئي پئي وڃي، تعليم سان نت نيون ايجادون ڪري ماضي ۾ دهشت جي علامت بڻيل ڪيترن ئي موذي مرضن کي دنيا مان تڙيو ويو، تعليم جي مدد سان ئي زندگي جا سڀ ڪم سولا ٿي ويا آھن، جنهن سفر جو تصور ڪندي دل دهلجي ويندي هئي اهو سفر بي خطر ۽ آرامده محسوس ٿيڻ لڳو آهي، ڏورانهين فاصلن کي سهيڙي ويجهو آندو ويو، علم جي روشني سان انسان ھزارين ميل پري رهندڙ مٽن مائٽن توڙي سنگتين ساٿين کي تصوير سان گڏ آواز سميت هڪ ٻي جي سامهون ويهاري ڇڏيو آھي، قاصدن جا قصا بس قصا ئي رهجي ويا آهن، هاڻي سنيها هڪ بٽڻ جا محتاج آھن، ڪورونا وائرس جي اچڻ کان اڳ به سنڌ جي تعليم تباهي جي ڪناري تي پهتل هئي ۽ بااثر اسڪولن ۾ اوطاقون قائم ڪرڻ، پنهنجن پنهنجن ماڻهن جا پنهنجن پنهنجن اسڪولن ۾ آرڊر ڪرائڻ جهڙا عمل ڪندا پئي آيا، پر گذريل سال جي پوئين 6 ماھي کان پوءِ دنيا ڪورونا وائرس جهڙي ڪروڌ کي منهن ڏيڻ لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي پوري دنيا هن خطرناڪ وائرس جي ور چڙھندي وئي، ترقي وارا ملڪ به هن وائرس جا وار خطا نه ڪري سگهيا، نتيجي ۾ دنيا لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو جهڙي صورتحال کي منهن ڏنو، ڪاروباري وهنوار ٺپ بند ٿي ويو، روڊن تي موت جو رقص جاري رهيو، اسپتالن ۾ ڀيانڪ خوف جو ماحول جڙي ويو، سڀ ٺيڪ آھي جا پول پڌرا ٿيڻ لڳا، دنيا جي معيشت جو ٻيڙو غوطا کائڻ لڳو، ان سان گڏو گڏ تعليم جي گاڏي کي به بريڪ لڳي وئي، تعليم جي ميدان ۾ پاڪستان جهڙو پٺتي پيل ملڪ تمام گهڻو متاثر ٿيو، اسڪولن کان وٺي يونيورسٽيون بند ڪيون ويون، پاڻ ڳالهھ صرف سنڌ جي ڪنداسين ته اڳ ۾ به ڳوٺن جي پرائمري سطح جي اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ عمارتن جي کوٽ آھي، اسڪول ڇپرن ۾ قائم آھن، استاد پڙھائڻ کي عيب سمجهن ٿا، آفيسر من پسند ماڻھن جون بدليون ۽ مقرريون ڪري تعليم کي تباهه پيا ڪن، سهولتن جي کوٽ شھري اسڪولن ۾ به آھي، مدي خارج ڪورس هجڻ ڪري شاگرد پريشان آھن، ويتر مٿان ڪورونا وائرس سڄي تعليمي نظام کي ڊانوانڊول ڪري ڇڏيو، خاص طور تي هن وائرس جي اچڻ کان پوءِ نجي تعليمي ادارن ۽ اتي ڪم ڪندڙ استادن جي زندگي ۾ پريشانيون ئي پريشانيون ڪر کڻي بيٺيون آهن. گذريل سال واري لاڪ ڊائون جتي ماڻھن کي تمام گهڻو پريشان ڪيو اتي مخير ماڻهن وري دل کولي متاثرن جي مدد به ڪئي، پر پرائيويٽ اسڪول جو استاد پنهنجي سفيد پوشي جي ڪري سري عام مدد نه وٺي سگهيو ۽ ڏکين حالتن کي منهن ڏئي پنهنجو وقت ڪاٽي ويو، اهڙي ريت ننڍا ننڍا نجي اسڪول جيڪي صرف ٻارن جي فيس تي پنهنجو گذارو ڪندا هئا اهي ته مڪمل طور تي بند ٿي ويا، انهن اسڪولن ۾ پڙھندڙ ڪيترن ٻارن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو، هن سال به صورت حال بلڪل ساڳي لڳي پئي آهي، تعليم جي گاڏي اڃا مس چرڻ پرڻ شروع ڪري ٿي ته وري نئون فرمان جاري ٿي ٿو وڃي، مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن جي اختلافن ڪري تعليم سان ساڳيو ڪلور هلي رهيو آھي. عمران خان جي وفاقي سرڪار جتي پنهنجي يو ٽرن ڪري مشهور آهي اتي لاڪ ڊائون ۽ ڪورونا وائرس کي منهن ڏئي مقابلي ڪرڻ بدران غلط فيصلا ڪندي رهي، نتيجو اهو نڪتو جو اڄ تعليم جو ٻيڙو ٻڏل لڳي ٿو. استاد دنيا جي اها واحد هستي آھي جيڪا هڪ سلجهيل قوم ٺاهيندي آھي، سندن هر حڪم تي لبيڪ جي صدا بلند ٿيندي آھي، استاد معاشري کي مثبت راهه تي وٺي ويندڙ عظيم هستي آھي، حڪومت کي گهرجي ته هاڻي تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ بدران استادن کي اها التجا ڪري ته ٻارن ۾ هن خطرناڪ وائرس بابت آگاهي پروگرام هلائين ۽ ٻارن کي ايس او پيز تي عمل ڪرائين، استاد وري ٻارن کي پنهنجي شخصيت جي سحر وسيلي ڪورونا وائرس جي خطري بابت ٻڌائين ۽ ان جي احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرائين، ائين ڪرڻ سان نه صرف تعليم جو گاڏو چري پوندو پر معاشي طور پٺتي پيل استاد به سٺي زندگي گذاري سگهندا ۽ ٻارن ۾ علم جي لاٽ ٻري پوندي، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي سطح جا امتحان به ٿي ويندا ۽ شاگردن کي ڊگريون به ملي ويندو ۽ سندن روشن مستقبل جا در به کلندا، شھرن توڙي ڳوٺن ۾ لاڪ ڊائون ڪجي ته ڀل ڪجي پر تعليمي ادارا بند نه ڪجن.