101

ستين آدمشماريءَ جا حتمي انگ اکر ۽ سنڌ جا خدشا…

ليکڪ: نورخان بکراڻي

چئن سالن جي طويل انتظار کان پوءِ نيٺ شماريات کاتي پاران ملڪ ۾ سال 2017ع ۾ ڪرايل ستين آدمشماريءَ جا حتمي انگ اکر صوبن جي اعتراضن ۽ خَدشن کي نظر انداز ڪري جاري ڪري ڇڏيا آهن. وفاقي سرڪار صوبن جي خَدشن ۽ اعتراضن کي پاسيرو رکي صوبائي حڪومتن جي اعتراضن جو تدارڪ ڪرڻ بنا پنھنجي مرضيءَ سان گڏ ڪيل انگ اکر ميڊيا تي ظاھر ڪري ڇڏيا آهن. شماريات کاتي جي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن کي غور سان ڏسڻ کان پوءِ اھا ڳالھه واضع ٿئي ٿي ته پنجاب صوبي جي ڪُل آبادي ملڪ جي باقي ٽن صوبن جي برابر ڏيکاري وئي آهي. آدمشماريءَ جا انگ اکر ميڊيا تي اچڻ سان سنڌ حڪومت ۽ سنڌين سخت خدشا ڏيکاريا آهن، جنھن ۾ ڪراچي سميت سنڌ صوبي جي آبادي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ ڏيکاري وئي آهي. ھي پھريون ڀيرو نه آھي جو سنڌ صوبي ۾ رھندڙ سنڌين سان وفاقي سرڪار طرفان ناانصافي يا زيادتي ڪئي وئي ھجي. سنڌ صوبي سان ته ھر وقت ۽ ھر دؤر ۾ وفاق جون ناانصافيون، زيادتيون ۽ ويساهه گهاتيون ٿينديون رھيون آھن، پوءِ اھا ڳالھه پاڻي جي ورڇ واري فارمولي جي ھجي، سنڌ جي ٻيٽن جي ڳالهھ ڪجي، سنڌ جي وڏين سرڪاري اسپتالن يا آدمشماري جي ھجي. پر سنڌ جي وسيلن تي به وڏي صوبي پنجاب پاران ھر وقت والار ٿي آھي، جيتوڻيڪ گئس، بجلي ۽ ڪوئلو سڀ کان وڌيڪ سنڌ مان نڪري ٿو پر ان کي ان جو پورو پورو حصو ۽ حق نه ٿو ڏنو وڃي. قومي مالياتي ايوارڊ NFC مان به سنڌ کي مناسب حصو  نه پيو ملي، جنھن تي اڪثر صوبن کي فيڊريشن تي شڪايت رھي آھي. تازو ئي تڪراري بڻيل سال 2017ع ۾ ملڪ اندر ڪرايل ستين آدمشماريءَ جا چئن سالن جي ڊگهي وقفي کان پوءِ انگ اکر ميڊيا تي آندا ويا آهن. انھن پڌرو ڪيل انگن اکرن مُطابق پاڪستان جي ڪُل آبادي 20 ڪروڙ 76 لک 84 ھزار ۽ 626 ماڻھن تي مُشتمل آھي. جن مان 10ڪروڙ 60 لک 18 ھزار 220 مرد ۽ 10 ڪروڙ 13 لک 44 ھزار 632 عورتون شامل آھن. نجي چينل تي شماريات کاتي پاران پڌرو ڪيل انگن اکرن جي مطابق ملڪ ۾ کدڙن فقيرن جو ڪُل تعداد 21 ھزار 774 آھي. اڱاري واري ڏينهن شماريات کاتي پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق پنجاب صوبي جي آبادي 10 ڪروڙ 99 لک 89 ھزار 655 آھي. ان جي ابتڙ سنڌ جي ٽوٽل آبادي 4 ڪروڙ 78 لک 54 ھزار 510 ڏيکاري وئي آهي، جيڪا ساڃاهه وندن جي ويجهو تمام گهڻي گھٽ ڏيکاري وئي آھي. آدمشماري جي انگن اکرن جي موجب پاڪستان جو سڀ کان وڏو شھر ڪراچي آھي، جنھن جي موجوده ڪل آبادي هڪ ڪروڙ 60 لک 24 ھزار 894 ڄاڻائي وئي آهي. ڪراچي جي رهواسين جي راءِ پڻ آهي ته ڪراچي شھر جيڪو دنيا جي وڏن شھرن جي فھرست ۾ شامل ھجڻ جي باوجود به ھن شھر جي آبادي گھٽ ڏيکاري وئي آهي. اھڙي طرح آدمشماريءَ ۾ پاڪستان جو ٻيو نمبر وڏو شهر لاهور کي ڏيکاريو ويو آهي، جنھن جي ٽوٽل آبادي ھڪ ڪروڙ 11 لک 19 ھزار 985 ظاھر ڪئي وئي آهي. انگن اکرن مُطابق پاڪستان جي ٻھراڙيءَ ۾ رھندڙ ماڻھن جو تعداد 13 ڪروڙ 20 لک 13 ھزار ۽ 789 ٻڌايو ويو آهي جڏهن ته شھري آبادي 7 ڪروڙ 56 لک 70 ھزار 837 ماڻھن تي مُشتمل آهي. پاڪستان جو ٽيون نمبر وڏو صوبو ڪي پي ڪي ڏيکاريو ويو آهي جنهن جي ڪل آبادي 3 ڪروڙ 50 لک 8 ھزار 920 ڏيکاريو ويو آهي. ساڳئي طرح ملڪ جي سڀ کان گھٽ آبادي وارو صوبو بلوچستان آھي جنھن جي ڪُل آبادي ھڪ ڪروڙ 23 لک 35 ھزار 129 ماڻھن تي ٻڌل آهي. فاٽا جي ڪُل آبادي 49 لک 93 ھزار 44 جڏهن ته گاديءَ واري شهر اسلام آباد جي ڪُل آبادي 20 لک 3 ھزار 368 ماڻھن تي ٻڌل آهي. ھتي ھڪ ڳالهه واضع آھي ته مُستقبل ۾ وفاق پاران صوبن کي ملندڙ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا توڙي وفاقي بجيٽ جو حصو پتي يا اين ايف سي ايوارڊ پڻ ان ساڳئي آدمشماريءَ جي بنياد تي ملڻو آهي. صوبن جي اعتراضن کي ٻُڌڻ بنا وفاقي سرڪار پاران آدمشماريءَ جا انگ اکر جاري ڪرڻ ھڪ مناسب ۽ دانشمنداڻو فيصلو ته ھرگز نه سڏبو، پر ھاڻي ڏسجي ته ايندڙ وقت ۾ ان تي صوبائي حڪومتن جي حڪمت عملي يا ردعمل ڪهڙو سامھون اچي ٿو اھو ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو