ايڊيٽوريل
پاڪستان غزه ۾ عالمي پروٽيڪشن فورس مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڄ دنيا جون قومون هڪ اهم نقطي تي گڏ ٿيون آهن، اسرائيل معصوم فلسطينين تي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، اسرائيلي ظلم جي ڪري درجنين فلسطيني شهيد ۽ سوين زخمي ٿيا آهن، 50 هزار فلسطيني بي گهر ٿي چڪا آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل قومن کي فوري طور تي غزه لاءِ امدادي سامان پهچائڻ کي يقيني بڻائڻ گهرجي ۽ مصر کي سرحد کولڻ گهرجي، پاڪستان غزه جي بحران تي عالمي ڪانفرنس گهرائڻ واري صدر محمود عباس جي مطالبي جي حمايت ڪري ٿو، گڏيل قومن جي ذميواري آهي ته اها اسرائيلي بربريت تي واضح ۽ سخت موقف اختيار ڪري، اسرائيلي جارحيت جو تڪڙو خاتمو عالمي برادري جي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، پرڏيهي وزير چيو ته غرور ۽ تڪبر سان ڀريل اسرائيل غزه مٿان فضائي حملا جاري رکيو پيو اچي، اسرائيل کي جنگي ڏوهن جو مرتڪب قرار ڏنو وڃي ۽ والاريل علائقن کي خالي ڪرائي غزه ۾ امدادي سامان جي رسد يقيني بڻائي وڃي، هن چيو ته هيءَ جنگ غيرقانوني قابض اسرائيل ۽ هٿين خالي فلسطينين وچ ۾ آهي، هڪ طرف جديد ترين قابض فوج آهي، ٻئي طرف خالي هٿين فلسطيني آهن، اڄ اسان انساني همدردي جي ناتي ڪجهه ڪريون ٿا يا نٿا ڪريون اهو تاريخ جو حصو هوندو، وقت اچي ويو آهي ته هاڻي اسرائيلي ظلم روڪڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. پاڪستان فلسطين مسئلي جي پرامن حل جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان جهڙي دليري سان فلسطين مسئلي تي پنهنجو چٽو ۽ واضح موقف پيش ڪيو آهي، ان تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جس لهڻي، ڇو ته اهو موقف رڳو پاڪستان جي حڪومت جو نه آهي پر اهو موقف پاڪستان جي سمورين سياسي پارٽين سميت ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام جو موقف آهي، حقيقت اها آهي ته هر پاڪستاني جي دل فلسطينين جي دل سان گڏ ڌڙڪندي آهي، اسان سمجهون ٿا ته هن وقت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو هلندڙ اجلاس رڳو هڪ رسم نه آهي پر تاريخ جون اکيون دنيا جي سمورين قومن ۽ اڳواڻن تي کتل آهن ۽ تاريخ سڀني کي هڪ ڀيرو ٻيهر اهو موقعو ڏنو آهي ته اهي ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن، ڇو ته ان حقيقت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي ته ظلم سدائين بغاوت کي جنم ڏنو آهي ۽ جڏهن مظلوم ۽ معصوم پنهنجي بغاوت تي لهي اچي ٿو ته پوءِ دنيا جي ڪا به طاقت ڀلي اها ڪيتري به سگهاري ڇو نه هجي، ان کي روڪي نٿي سگهي، ڇو ته هڪ مسلمان جي حيثيت سان اسان جو ايمان آهي ته جڏهن پنهنجي حق لاءِ جدوجهد ۽ بغاوت ڪريو ٿا ته پوءِ قدرت به اوهان جو ئي ساٿ ڏئي ٿي، اسان سمجهون ٿا ته اسرائيل هڪ ناجائز ۽ قابض رياست آهي، جنهن کي فلسطينين جي سرزمين تي مڙهيو ويو آهي ۽ ان ۾ گڏيل قومن سميت ڏاڍن ملڪن جو ئي هٿ آهي، هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته معصوم ۽ هٿين خالي فلسطينين تي ٿيندڙ بمباري روڪرائي وڃي ۽ جيڪڏهن گڏيل قومن جو واقع به ڪو وجود يا اثر آهي ته ان کي پنهنجي قراردادن تي عمل ڪرائي، غزه پٽيءَ مان اسرائيلين جي والار ختم ڪرائڻي پوندي، گڏوگڏ 70سالن کان اسرائيلين جي ڏوهن کي نظر ۾ رکي انهن کي جنگي ڏوهن جو مرتڪب قرار ڏنو وڃي ۽ پاڪستان جي مطالبي تي غزه ۾ عالمي پروٽيڪشن فورس مقرر ڪري سڀ کان پهريان متاثر فلسطينين جي مدد ڪئي وڃي، ان کانپوءِ ان مسئلي جو پرامن حل تلاش ڪري مستقل جنگبندي جي راهه هموار ڪئي وڃي.