ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف هنڌن تي پوليس جي ڪاررواين ۾ 04 منشيات فروشن سميت 05 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. تفصيل مطابق گلبهار ٿاڻي جي پوليس هڪ ڪارروائي ڪري اسٽريٽ ڪرمنل ۽ موٽر سائيڪل لفٽر حنيف پٽ اختر کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان چوري جي هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي آهي. پوليس موجب جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف نيو ڪراچي ٿاڻي جي پوليس چئن منشيات فروشن حنيف ، اويس ، علي ۽ دانش کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان چرس ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي آهي. پوليس موجب گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
123