124

اسرائيل جو حماس سان جنگ بندي معاهدو، حملا بند ڪري ڇڏيا، مصر جا وفد نگراني ڪندا، فلسطينين جو جشن

غزه (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ترڪي سميت عالمي دٻاءُ  ۽ خاص طور تي مصر جي ڪوششن جي نتيجي ۾ يارنهن ڏينهن کان پوءِ اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگبندي ٿي وئي آهي ۽ ٻنهي ڌرين جنگبندي تي عمل ڪندي هڪ ٻي تي حملا بند ڪري ڇڏيا آهن. هڪ ڏينهن اڳ اسرائيلي ڪابينا غزه جي پٽي ۾ جنگبندي جي منظوري ڏني. جنهن کان پوءِ اسرائيلي حڪومت پنهنجي فيصلي بابت سرڪاري طور مصر کي ڄاڻ ڏني ۽ جمع تي صبح کان جنگ بنديءَ تي عمل پڻ شروع ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ ڪنهن به ڌر ڪا ڪارروائي نه ڪئي. جنگ بنديءَ جي معاهدي هيٺ مصر جا ٻه وفد تل ابيب ۽ فلسطيني علائقن ۾ موڪليا ويندا جيڪي جنگ بنديءَ جي عمل جي نگراني ڪندا. حماس ۽ اسرائيل جي جنگبندي جي پوري دنيا آجيان ڪئي آهي. ان بابت آمريڪا چيو آهي ته حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگبندي  واري معاهدي جي آجيان ڪريون ٿا.آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته غزه ۾ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ گڏيل قومن سان ملي ڪم ڪنداسين. فلسطيني اختيارين جي مڪمل ڀائيواري ۾ اهو ڪم ڪنداسين. آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته اسرائيلين ۽ فلسطيني ٻنهي کي محفوظ زندگيون گذارڻ جو حق آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس به چيو آهي ته يارنهن ڏينهن جي دشمني کان پوءِ جنگبندي خوشي جوڳو قدم آهي. والاريل فلسطيني علائقن جي متاثرين سان دلي تعزيت ڪريان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته امن بحال ڪرڻ ۾ مصر ۽ قطر گڏيل قومن جي خصوصي مدد ڪئي. مصري صدر السيسي ٽويٽ ڪندي جنگبندي ڪرائڻ ۾ مصري ڪوششن جي حمايت ڪرڻ تي آمريڪي صدر جو ٿورو مڃيو .ان سلسلي ۾ فلسطيني حڪومت جي ترجمان طاهر نونو جنگ بندي تي عمل جي تصديق ڪندي چيو ته فلسطين جون مزاحمتي قوتون جنگ بنديءَ تي پوري ريت عمل ڪنديون پر جيڪڏهن اسرائيل ان جي ڀڃڪڙي ڪندو ته پوءَ فلسطيني مجاهد پڻ پابند نه رهندا. غزه تي يارنهن ڏينهن ۾ اسرائيل 16 15 هوائي حملا ڪيا، جنهن سان 230 فلسطيني شهيد ۽ 1500 زخمي ٿيا. هڪ لک 7 هزار کان وڌيڪ فلسطيني بي گهر ٿي ويا. ان کان علاوه اسرائيل جي حملن سبب 1335 عمارتون مڪمل تباهه ٿي ويون، 13 هزار گهرن کي نقصان پهتو، 144 ٽاور تباهه ٿيا، 33 ميڊيا جا مرڪز،  46 سرڪاري اسڪول، 50 ڪارخانن سميت غزه پٽيءَ ۾ بنيادي ڍانچو مڪمل تباهه ٿي ويو آهي. انهن حملن ۾ 322 ملين ڊالرز جو مالي نقصان ٿيو آهي. جڏهن ته 11 ڏينهن دوران حماس طرفان اسرائيل تي اٽڪل 4 هزار کان وڌيڪ  راڪيٽن سان حملا ڪيا ويا جن مان گهڻا راڪيٽ اسرائيل جي ڊوم سسٽم سان تباهه ڪيا ويا پر جيڪي ڪاميابي سان نشانن تي پهتا انهن سان  12 اسرائيلي مارجي ويا ۽ ان جو مالي نقصان پڻ ٿيو.  جنگ بنديءَ کان پوءِ اسرائيل چيو آهي ته 11 ڏينهن جي جنگ ۾ ان کي ڪاميابي ملي آهي، جڏهن ته ٻي پاسي حماس جنگبنديءَ کان پوءِ پنهنجي سوڀ جو اعلان ڪيو آهي. هزارين ماڻهن غزه ۾ جنگ بند ٿيڻ تي جشن پڻ ملهايو. جڏهن ته جنگ بنديءَ کان پوءِ حماس جي اڳواڻ اسماعيل هنيه ٽي وي تي خطاب ڪندي چيو ته  اسان جي نئين جنگي حڪمت عملي ۽ صلاحيت پوري اسرائيلي نظام کي لوڏي ڇڏيو، اسرائيل کي شرمناڪ  شڪست ڏئي والاريل فلسطين ۽ مسجد اقصيٰ جي آزاديءَ جي واٽ ٺاهي ڇڏي آهي. جنگبندي ٿيڻ تي فلسطيني علائقن ۾ جشن جهڙو ماحول آهين اولهندي ڪناري جي شهرن والاريل بيت المقدس، رام الله، هبرون ۾ سوين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا غزه جي شهرين ان کي سمورن مسلمانن جي سوڀ قرار ڏنو.  جيتوڻيڪ اسرائيل غزه تي حملا بند ڪري ڇڏيا آهن پر  والاريل فلسطيني علائقن ۾ فلسطينين جي خلاف ان جون ڪارروايون جاري آهن. جمع ڏينهن پڻ جڏهن وڏي انگ ۾ فلسطيني مسجد اقصيٰ ۾ جمع جي نماز پڙهڻ لاءِ پهتا ۽ اتي انهن جنگبنديءَ جو جشن ملهايو ته اسرائيلي فورسز  مسجد اقصيٰ تي ڪاهه ڪري ڏني جنهن ڪري فلسطينين ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ ڪجهه فلسطيني زخمي پڻ ٿيا. ٻي پاسي اسرائيلي فورسز  اولهندي ڪناري ۽والاريل بيت المقدس ۾ گهر گهر جهڙتي وٺي اتان 19 فلسطينين کي گرفتار ڪري ورتو . الخليل شهر ۾ پڻ اسرائيلي فورسز ڪارروائي ڪري فلسطيني پارليامينٽ جي ميمبر  نايف الرجوب سميت ڪيترن ئي حماس اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو