ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيوآهي ته تاريخ جو بدترين معاشي بحران آهي،عمران خان جي ڪرپٽ حڪومت جا ڪرتوت لڪي نٿا سگهن، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو ته آڊيٽر جنرل رپورٽ تي پردو وڌو ويو،ڪورونا وبا تي پنهنجي نااهلي جو ملبو وجهندڙ عمران خان جي ڪوشش ناڪام بڻائينداسين، ملڪ پنهنجي تاريخ جي بدترين معاشي بحران کي منهن ڏئي پيو،عمران خان اپوزيشن تي الزام هڻڻ ۾مصروف آهي، وڏن ڪاروباري سيڪٽرن کي مرعاتون ڏيڻ سان عام ماڻهو جي معاشي حالت بهتر نه ٿيندي،عمران خان پنهنجو ڪو هڪ ڪارنامو ٻڌائي، عمران خان الزامن، دعوائن، واعدن ۽ يوٽرن کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو، ٻين جي منصوبن تي تختين کان علاوه ڪو ڪارنامو ناهي ڪيو.
199