سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر جي جج آفتاب احمد ڳورڙ، جسٽس فھيم احمد صديقي تي مشتمل ڊبل بينچ سکر گذريل ڏينھن سرڪاري زمينن تي قبضن جي حوالي سان آئيني پٽيشن جي ٻڌڻي ٿي گذري، ٻڌڻي دوران عدالت سڳوري 6 اپريل تي ڏنل حڪم تي عمل نه ڪرڻ سبب ڊپٽي ڪمشنر سکر راڻا عديل احمد تصور کي ھٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ان تي عمل نه ٿيڻ سبب ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏيندي چيو ته ڊي سي سکر کي ھٽائڻ واري حڪم تي نه ھٽايو ويو ۽ نه وري ان عدالتي حڪم تي عمل ڪيو ويو ڇو نه چيف سيڪريٽري سنڌ خلاف توھين عدالت جو ڪيس ھلايو وڃي، انھن کي خبر ناھي ته ڊي سي سکر عھدي جي لائق ناھي، ڇا سيڪريٽري سڀني کاتن جو سربراھه ناھي، جسٽس وڌيڪ چيو ته جيستائين ڊي سي سکر جي خلاف مڪمل جاچ نه ٿي، پوري تيستائين ڪابه فيلڊ پوسٽ راڻا عديل تصور کي نه ڏني وڃي، ايڊيشنل اٽارني جنرل کي 25 مئي تي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي، واضح رھي ته 6 اپريل تي عدالت سڳوري ٻڌڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر سکر کي ھٽائڻ جو حڪم ڏنو ھو، 15 اپريل تي ٻڌڻي ۾ ھن پنھنجو حڪم ھٽائڻ وارو جسٽس واپس ورتو ھو، 27 اپريل تي ٻيھر ھٽائڻ جو ٻڌڻي دوران حڪم ڏنو ھو، عمل نه ڪرڻ جي ڪري جسٽس ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ٻيھر ھٽائڻ جو ڊي سي لاء حڪم ڏنو
122