123

ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ قيادتن پاڪ-چين لاڳاپن کي بلندين تائين پهچايو:عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪ-چين سفارتي لاڳاپن کي 7 سال مڪمل ٿي ويا، ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن هڪ ٻئي کي خط لکيو، وزيراعظم عمران خان پنهنجي لکيل خط ۾ چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ قيادتن پاڪ-چين لاڳاپن کي بلندين تائين پهچايو، 21 مئي 1951ع تي اسان جا سفارتي لاڳاپا باضابطا طور تي شروع ٿيا جيڪي گڏيل اعتماد ۽ هڪٻئي کي سمجهڻ تي ٻڌل آهيون، ٻئي حڪومتون ان سال کي ملهائڻ لاءِ رابطي ۾آهن ته جيئن عوام کي به لاڳاپن جي گهرائي جو پتو پئجي سگهي، ڪورونا دوران پاڪستان جي مدد تي چين جا ٿورائتا آهيون،سي پيڪ خطي ۾ترقي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪيا، جڏهن ته خط ۾ چيني وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين دوست ۽ پاڙيسري آهن، ٻنهي ملڪن سياسي، معاشي تعاون ۽ عوامي لاڳاپن کي وڌايو آهي. ڪورونا وائرس دوران ٻنهي ملڪن هڪٻئي جي مدد ڪئي. سي پيڪ سان ترقي جا نوان رستا کلندا، چين پاڪستان کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي جو اهم جز سمجهي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو