170

نيب خلاف جارحاڻي ۽ منظم پروپئگنڊا ٿئي پئي،آئين نه ڄاڻيندڙ به تنقيد ڪن پيا:نيب چيئرمين

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته نيب خلاف جارحاڻي ۽ منظم پروپئگنڊا جاري آهي،آئين نه ڄاڻيندڙ به تنقيد ڪن پيا، نيب هيڊ ڪوارٽر ۾ تقريب ۾ ڳالهائيندي نيب چيئرمين چيو ته سپريم ڪورٽ نيب قانون جو اسفند يار ولي ڪيس ۾مڪمل جائزو وٺي چڪي آهي،قانون کي غيرآئيني ۽ غير قانوني قرار ناهي ڏنو، ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهيان ته مثبت تنقيد جي هميشه آجيان ڪئي آهي،اها ڀلي ڪيو،اجائي تنقيد کان پاسو ڪيو وڃي، نيب چيئرمين وڌيڪ چيو ته تنقيد اهي ڪن ٿا،جن کي آئين ۽ قانون جو پتو ناهي،اهي ماڻهو روسٽرم تي اچي چوندا آهن ته نيب قانون ڀوائتو آهي، روسٽرم ۾ ايندڙ هر ماڻهو سمجهندو آهي ته ان کي اهو جملو ضرور چوڻو آهي، تنقيد ڪندڙ اهو وساري ڇڏيندا آهن ته سپريم ڪورٽ نيب قانون جو مڪمل جائزو ورتو آهي ۽ ان ۾بهتري جي تجويز ڏني هئي. هوڏانهن نيب ڪوڙن اڪائونٽن واري ڪيس ۾  23 ارب 85 ڪروڙ روپين جي اوڳاڙي ڪري ورتي آهي. ان سلسلي ۾ نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نيب راولپنڊي جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ڊي جي نيب راولپنڊي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيب راولپنڊي ڪوڙن اڪائونٽن وارن ڪيسن جي جانچ کان پوءِ احتساب عدالت ۾  14 ريفرنس داخل ڪيا ۽ انهن ڪيسن ۾ 23 ارب روپين کان وڌيڪ جي اوڳاڙي ڪري ورتي آهي. نيب جي پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته نيب ڪوڙن اڪائونٽن وارن ڪيسن ۾ 23 ارب 85 ڪروڙ روپيا اوڳاڙي ورتا آهن، اهو ناڻو يوسف رضا گيلاني، حسين لوائي ۽ٻين جي خلاف ريفرنس ۾ اوڳاڙيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو