215

عثمان بزدار جهانگير ترين گروپ کي خوش ڪري ڇڏيو، شڪايتون ختم ڪرڻ جي پڪ ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جهانگير ترين گروپ جا اعتراض ختم ڪرڻ جي پڪ ڏياري ان کي خوش ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين گروپ جي وفد پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار سان ملاقات ڪئي، اها ملاقات بزدار جي دعوت تي ئي ٿي. جنهن ۾ جهانگير ترين گروپ جي وفد ۾ سعيد اڪبر نواني، نعمان لنگڙيال، اجمل چيما، عون چوڌري، عمر آفتاب، نذير چوهاڻ ۽ زوار وڙائچ شامل هئا. جهانگير ترين گروپ جي وفد پنجاب جي وڏي وزير کي پنهنجن اعتراضن جي سُڌ ڏني. جنهن تي عثمان بزدار کين سندن اعتراض ختم ڪرڻ جي پڪ ڏياري. جڏهن ته  اسيمبلي ميمبرن پنجاب جي وڏي وزير جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران پنجاب جي وڏي وزير  عثمان بزدار  چيو ته اسان وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ متحد آهيون ۽ منهنجا دروازا اوهان سڀني جي لاءِ کليل آهن. ڪڏهن به ڪنهن سان ناانصافي نه ڪنداسين. هن چيو ته انتقام جي سياست اسان نه ڪندا آهيون. اوهان جي جائز شڪايتن جو ازالو ڪيو ويندو. اسان جي پارٽي جو نالو تحريڪ انصاف آهي ۽ اسان انصاف جي عملداري تي يقين  رکندا آهيون.  پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سعيد اڪبر نواني چيو ته جهانگير ترين گروپ حقيقت آهي اڳ به چيو هو ته افواهن ۾ ڪابه سچائي نه آهي. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقات ۾ اسان سموريون ڳالهيون ڪيون، بجيٽ جي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. اسان حڪومت سان گڏ آهيون ۽ وڏي وزير سان جيڪي ڳالهيون ٿيون ان تي مڪمل مطمئن آهيون. سعيد نواني چيو ته اسان چاهيون ٿا ته شفاف جانچ ٿئي ان جا جيڪي به نتيجا ايندا ان کي قبول ڪيو ويندو. ترين گروپ جي ميمبر نعمان لنگڙيال چيو ته اسان جو وفد وڏي وزير سان مليو آهي. وزيراعظم واعدو ڪيو هو ته جهانگير ترين سان ناانصافي نه ٿيندي. اسان تحريڪ انصاف جو حصو هئاسين ۽ رهنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو