ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عرفان سعادت خان ۽ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ ڊاڪٽر لياقت علي ابڙو جي درخواست تي لکت ۾ فيصلو ڏيندي پي ايڇ ڊي هولڊر سرڪاري آفيسرن کي ماهوار 25 هزار رپيا الائونس ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته چيف سيڪريٽري 15 ڏينهن ۾ سمري وڏي وزير کي موڪلي، ڪنهن به کاتي کي پي ايڇ ڊي هولڊرن سان ناروا سلوڪ نه ڪرڻ گهرجي، سمورا کاتا پي ايڇ ڊي آفيسرن کي هڪجهڙو الائونس ڏين.
147