205

اپوزيشن جو پيڇو ڇڏي پراڻو پاڪستان ٺيڪ ڪريو:آفريدي جو وزيراعظم کي مشورو

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي سوشل ميڊيا تي وڊيو جاري ڪندي وزيراعظم عمران خان کي مشورو ڏنو آهي ته اپوزيشن جو پيڇو ڇڏي پراڻو پاڪستان ٺيڪ ڪريو، عمران خان جي ڳالهه تي قوم اٿي بيهندي هئي،هاڻي وضاحتون گهڻيون اچن ٿيون، هن چيو ته نواز شريف ۽ ٻيا اڍائي سالن کان جيڏانهن وڃن ٿا سندن پويان پئجي وڃي ٿو، جيڪڏهن ڪو افتتاح ڪرڻ هوندو ته اتي به انهن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندو، منهنجو مشورو آهي ته گذريل حڪومتن جيڪو ڪيو ان کي ڇڏي ڏيو، توهان ڇا ڪري رهيا آهيو، اهو ڏسو، الله تعاليٰ توهان کي موقعو ڏنو آهي ته تبديلي آڻي ڏيکاريو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو