189

ڪورونا وائرس صوبائي ٽاسڪ فورس پاران سنڌ ۾ لڳل پابنديون وڌيڪ 2 هفتا برقرار رکڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ٽاسڪ فورس پابنديون وڌيڪ 2 هفتا برقرار رکڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته سياحتي مقامن، سي ويو، هاڪس بي، تفريحي پارڪس ٻه هفتن لاءِ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، رپورٽ مطابق سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ڪورونا وائرس  صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ ۾ گذريل ڏينهن کان 24299 ٽيسٽون ڪيو ويون آهن ، جنهن ۾ 2136 ڪيس ظاهر ٿيا، هن وقت صوبي ۾ تشخيص جي شرح 8.8 سيڪڙو آهي، صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا پيچوهو اجلاس اجلاس ۾ ٻڌايو ته 13 مئي يعني عيد تي 1232 ڪيسز هئا، 19 مئي تي 2076 ڪيسز ۽ 21 مئي تي 2136 ڪيسز هئا، جنهن تي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته هن مان ظاهر ٿي ٿو ته ڪيسز جي تعداد عيد کان پوءِ مسلسل وڌي رهي آهي، 7 ڏينهن (15 مئي کان 21 مئي تائين) ڪراچي ۾ 13.97 سيڪڙو ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڪورونا صورتحال جي پيش نظر موجوده پابنديون 2 هفتا تائين صوبي ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، تمام سياحتي مقام، سي ويو، هاڪس بي، تفريحي پارڪس ٻه هفتن لاءِ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، شادي هال به بند رکيا ويندا، جڏهن ته واڪنگ ٽريڪس کليل رهندا،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو