ڪانپور (ويب ڊيسڪ) ڀارت مان هڪ دلچسپ خبر سامهون آئي آهي، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ مطابق ڀارتي شره ڪانپور ۾ شادي جي رسم دوران گهوٽ ڪنوار کي ڇڏي اوچتو لاپته ٿي ويو، سندس مائٽن کي شڪ هو ته هو اغوا ٿي ويو آهي پر گهوٽ جي دوستن ٻڌايو ته هو شادي کان فرار ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ ڄڃ ۾ موجود هڪ ٻي ڇوڪري سان ڪنوار کي ڦيرا کاريا ويا، هوڏانهن لاپته گهوٽ آخر تائين نه ملي سگهيو هو.
