ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فيڊريشن انٽرنيشنل ڊي فٽبال ايسوسيئيشن (فيفا) پاڪستان جي ميمبرشپ کي معطل ڪرڻ وارو فيصلو برقرار رکيو آهي، رپورٽ موجب 71هين ڪانگريس جي اجلاس ۾ پاڪستان جي ميمبرشپ تي پابندي برقرار رکي وئي، اجلاس ۾ 203 ملڪن پاڪستان مٿان پابندي ۽ هڪ ملڪ حق ۾ ووٽ ڏنو، فيفا مطابق فيفا جي شرطن تي عمل نه ٿيڻ تائين پاڪستان مٿان پابندي برقرار رهندي.
