197

باگڙجي ٻيلي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ماءُ ۽ ڌيءُ قتل، لاش بنا غسل ۽ ڪفن جي دفن

پيرجوڳوٺ/سکر (ويب ڊيسڪ) باگڙجي ٻيلي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ماءُ ۽ ڌيءُ قتل، لاش بنا غسل ۽ ڪفن جي دفن، ان سلسلي ۾ ٻيلي جي جتوئي ڳوٺ ۾ رجب علي ۽ مولائي جتوئي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي گلشاد زال صابر جتوئي ۽ سندس ڌيءُ شامده کي ڪارنهن جي تهمت هيٺ بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويا، هوڏانهن ماءُ ۽ ڌيءُ جي قتل بعد ڳوٺ ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، اطلاع تي باگڙجي ٿاڻي جي  پوليس لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيا، ذريعن ”سوڀ“ کي ٻڌايو ته وارثن مليل لاش بنا غسل ۽ ڪفن جي کڏ کڻي پوري ڇڏيا، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ماءُ ۽ ڌيءُ جي قتل جي اطلاع تي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا آهن، ڪير به ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ناهي پهتو، سڀاڻي سرڪاري مدعيت ۾ اهڙو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو