ملير (ويب ڊيسڪ) بن قاسم جي علائقي پپري شاھه ٽائون جي عيدو بلوچ ڳوٺ ۾ ڪالهھ صبح جو گهٽي ۾ کيڏندي معصوم يتيم ڇوڪري 9 ورهين جي ام فروا ڌيءُ مرحوم صديق ٽڳڙ بجلي جي تارن ۾ وچڙي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي وئي، اطلاع تي بن قاسم پوليس پهچي ڇوڪري جو مڙھه جناح اسپتال موڪليو، جتان پوسٽ مارٽم بعد عيدو ڳوٺ آندو ويو، جنهن بعد سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، ان سلسلي ۾ شعيب ٽگڙ ۽ فوتي ڇوڪري جي ڀاءُ سلامت ٽڳڙ ٻڌايو ته پاڙيسري بجلي جون تارون کولي گئس جي پائيپ لائين تي اڇلايون، جيڪي معصوم نينگري جي موت جو ڪارڻ بڻيون، هنن ٻڌايو ته ٻه ڏينهن ٽن رهواسين کي به بجلي جي ساڳين تارين مان ڪرنٽ لڳي چڪو آهي، ڪيترا ڀيرا پاڙيسري شاھه نالي همراھه سامهون احتجاج ڪيو ويو پر هن ڪا به توجهھ نه ڏني، فوتي نينگري جو والد 6 مهينا اڳ ڪينسر وگهي فوت ٿي چڪو آهي، سندن چوڻ هو ته ڇڙواڳ پاڙيسري ۽ ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڪيس داخل ڪنداسين.
