ليکڪ: نياز مسرور بدوي
ٽماهي مهراڻ گذريل 70 سالن کان علم ۽ ادب جي سر زمين تي پنهنجي ماروئڙن جي احساسن جي ترجماني ڪري رهيو آهي، اهي احساسن جون مکڙيون سنڌ جي سورن جو علامتي اظهار بڻجي سنڌ جي شعور کي سجاڳ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ننڊاکڙن نيڻن ۾ اميدن ۽ روشن مستقبل جا اوجاڳا جاڳائين ٿيون. اهي سپنا ذهن جي روشن درن (وٿين) مان داخل ٿي، اسان جي ڪُڙهندڙ لُڇندڙ نسل کي سنئين دڳ لائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. ٽماهي مهراڻ پنهنجي ادبي آب سان ذهنن جي آبياري ڪري رهيو آهي، زميني ورقن تي هن وقت تائين اهڙا انيڪ گل ٻوٽا پوکيا آهن، جن جي واس سان سنڌي ادب واسيو پيو آهي. اهو مُني صديءَ جو سفر، سوين مشڪلاتن باوجود بنا ڪنهن سياسي مصلحت ۽ ڊپ ڊاءَ جي فقط ۽ فقط سنڌ جو آواز بڻجي گونجي رهيو آهي. ٽماهي مهراڻ جو 1/2021ع جو پرچو پنهنجي ادبي حسناڪي سان ادب جي عاشقن جي هٿن ۾ پهچي چڪو آهي، مهراڻ پنهنجي ادبي روايتن جي پاسداري ڪندي سنڌي ادب جي لڪل گوشن کي پنهنجي لائق مصنفن ۽ محققن جي تحقيق جي روشنيءَ ۾ ظاهر ڪري رهيو آهي، اها ڪا گھٽ لاڀائتي ڳالهه نه آهي ته سندس وجود، ڪيتريون اهم ۽ ناياب دريافتون ڪيون آهن ۽ سنڌي ادب جي ماضيءَ جي سفينن کي جديد تحقيقي نظرين جي روشني ۾ ڇنڊي ڇاڻي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ٽماهي مهراڻ جي 1/2021ع جي شماري ۾ جيڪي تحقيقي مضمون شامل ڪيا ويا آهن، تن ۾ سيرت رسول صه جي حوالي سان ڊاڪٽر عبدالرزاق گھانگھرو جو لکيل مضمون ”اسلام جي تبليغ ۽ اسلام مخالفن سان حضور صه جن جو سهڻو سلوڪ“، ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ صاحب ”قاضي قاذن جي ڪلام“، ڊاڪٽر الطاف جوکيو ”حرف روي جي روشنيءَ ۾ مولوي احمد ملاح جي هڪ اکر جي تبديليءَ وارن قافين جو جائزو“ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو لکيل مضمون ”منهنجو دوست منگھارام ملڪاڻي ۽ ساڻس ٿيل خط وڪتابت“، حاڪم علي شاهه بخاري جو ترجمو ٿيل مضمون ”دنيا جو پهريون لکيل قانوني ضابطو“ رسول بخش تميمي ”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي“ ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ ”محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ناٽڪن ۾ سماج سڌاري جو پيغام“، ڊاڪٽر مخمور بخاري جو ”بيدل سائين جي ڪافيءَ جو فني جائزو“ آهي، مولانا عبدالرحمان جماليءَ ”مولانا عزيز الله ساند رحه“ ڊاڪٽر اسد جمال پلي ”تلو هاڪڙي درياءَ جي ڍنڍ ۽ پٽ“ حسيب ناياب منگي، ”ميونسپل اسڪولس بورڊس شڪارپور“ محبوب ڏيٿو ”پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿو“ جي مجاهدانه زندگيءَ تي هڪ نظر“، ”عاصي“ عبدالواحد هڪڙو ”فُل وڌي ۽ ڀوري جي لوڪ داستان جا تاريخي آثار“. ايڇ حنيف لغاري ”ولي محمد طاهر زادو“ محمد حسين قائم ”چٽوڙي-اميران ميرپور خاص“ پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف سمون ”کنڀري شريف جا ميان ولهاري (سمان)“ ڊاڪٽر صنم لطيف ”مخدوم محمد زمان طالب المولى جي شاعريءَ ۾ جماليات“ ۽ مرزا فياض علي بيگ ”ميرزا حامد علي بيگ ”حامد“ جي غزل گوئي“ جهڙا معتبر ۽ تحقيق وارا مضمون شامل آهن. ٽماهي مهراڻ ۾ پرويز، مير سجاد اختر ٽالپر، بهادر ٽالپر، ارشاد سومرو، ڊاڪٽر رضا چانڊيو، محمد قاسم ڪلوئي جون ڪهاڻيون شاندار آهن. ٽماهي مهراڻ ۾ شامل شاعريءَ جو معيار تمام بهترين آهي. ان کان سواءِ ٽماهي مهراڻ ۾ گھڻو ڪجھه آهي، جنهن ۾ يادگيريون، ڪتابن تي تبصرا، ادبي تقريبون وغيره شامل آهن. ٽماهي مهراڻ ۾ جيڪي اقتباس ڏنا ويا آهن سي انتهائي اونهي معنى ۽ مفهوم رکن ٿا، جن مان هڪ مختصر اقتباس ڏيان ٿو. ”سنڌ سدائين معاهدن ۾ مُئي آهي ۽ پنهنجي آزادي داءَ تي لڳائي سڀ ڪنهن سان سنمک ٿيندي اچي ٿي. ان طرح کيس اهڙو جڪڙي وس کان بيوس ڪيو وڃي ٿو، جو هٿ پير هلائڻ جي سگھه به وڃائي ٿي ويهي“. مجموعي طور تي هي پرچو پنهنجي روايتن ۾ سنڌي جي ڪلاسيڪي ادب کان ويندي جديد ادب جي جيڪا خدمت ڪري رهيو آهي، اها ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿي ڪري سگهجي، مهراڻ جو ماضي توڙي حال سنڌ سان ٻٽ بڻيل آهي، وقت جي تبديل ٿيندڙ حالتن هن پرچي تي ڪي به اهڙا اثر ناهن ڇڏيا، جن لاءِ چئي سگهجي ته هن جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي آئي آهي، اميد آهي ته مهراڻ جو سفر پنهنجي اوج سان ائين جاري ۽ ساري رهندو.