انٽرنيشنل واچ ٽائيم
اسرائيل ۽ فلسطيني ويڙهاڪ گروپ حماس وچ ۾ سيز فائر لاڳو ٿي چڪو آهي، سيز فائر جي شروعات جمعي تي صبح جو سوير ٿي وئي، 11 ڏينهن تائين جاري رهندڙ هن ويڙهه ۾ مجموعي طور تي عورتن ۽ ٻارن سميت 240 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن ۽ اڪثر موت غزه ۾ ٿيا آهن، سيز فائر لاڳو ٿيندي ئي فلسطينين غزه جي روڊن تي اچي ”الله اڪبر“ جا نعرا هنيا آهن، اسرائيل ۽ حماس ٻنهي ان تڪرار ۾ پنهنجي پنهنجي فتح جي دعويٰ ڪئي آهي، آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته جنگبندي ترقي لاءِ حقيقي موقعو فراهم ڪندي، سيز فائر جي اعلان کان اڳ ۽ ويڙهه جي آخري ڏينهن يعني خميس واري ڏينهن تي اسرائيل غزه جي اتر ۾ 100 کان وڌيڪ فضائي حملا ڪيا هئا، جنهن جي جواب ۾ حماس طرفان راڪيٽ فائر ڪيا ويا هئا، اسرائيل ۽ حماس ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين جاري رهندڙ ڇڪتاڻ 10 مئي تي باقاعده ويڙهه ۾ تبديل ٿي وئي هئي، اها ڇڪتاڻ اوڀر بيت المقدس اسرائيل طرفان ڪجهه فلسطيني خاندانن کي بيدخل ڪرڻ جي ڪوششن کانپوءِ شروع ٿي، ويڙهه دوران اسرائيل طرفان درجنين فضائي حملا ڪيا ويا، جڏهن ته حماس طرفان به اسرائيل تي راڪيٽ فائر ڪيا ويا، حماس جي ڪنٽرول هيٺ وزارت صحت مطابق ان ويڙهه ۾ غزه ۾ گهٽ ۾ گهٽ 232 ماڻهو شهيد ٿيا آهن، جن ۾ 100 کان وڌيڪ عورتن ۽ ٻار شامل آهن، ٻئي طرف اسرائيل جي دعويٰ آهي ته غزه ۾ فوت ٿيلن ۾ گهٽ ۾گهٽ 150 ويڙهاڪ به شامل آهن، حماس پنهنجي ڪارڪنن جي موت جا انگ اکر جاري ناهن ڪيا، اسرائيلي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته حماس طرفان ڪيل حملن ۾ 2 ٻارن سميت 12 اسرائيلي مارجي ويا آهن، اسرائيل جو چوڻ آهي ته هن 10 ڏينهن واري ويڙهه دوران حماس طرفان 4 هزار جي لڳ ڀڳ راڪيٽ فائر ڪيا ويا آهن، اسرائيلي پوليٽيڪل سيڪيورٽي ڪابينا چيو آهي ته اسرائيل جنگبندي جي سفارش کي متفقه طور تي منظور ڪيو آهي، حماس جي هڪ اڳواڻ خابرو اداري ايسوسيئيٽڊ پريس کي ٻڌايو ته اسرائيل طرفان سيز فائر جو اعلان فلسطيني عوام جي فتح برابر آهي ۽ اها اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي شڪست آهي، جمعي تي صبح جو 2 وڳي سيز فائر شروع ٿيڻ کان فورن پوءِ ئي فلسطينين جو وڏو تعداد جشن ملهائڻ لاءِ گاڏين ۽ پيادل غزه جي روڊن تي نڪتو، مسجدن جي لائوڊ اسپيڪرن تان فتح جو اعلان ڪيو، پر حماس ڪائونسل جي بين الاقوامي لاڳاپن سان لاڳاپيل باسم نعيم بي بي سي کي ٻڌايو ته هو ان بابت شڪن جو شڪار آهن ته ڇا جنگبندي جاري رهي سگهندي يا نه؟ هن چيو ته فلسطينين لاءِ انصاف حاصل ڪرڻ کانسواءِ بيت المقدس اسان جي عوام خلاف اسرائيلي جارحيت ۽ اسرائيلي ظلم بند ڪرڻ کانسواءِ جنگبندي خدشن جو شڪار رهندي. ان حوالي سان نامياري صحافي جيريمي باؤون جو چوڻ آهي ته حماس جي 2007ع ۾ غزه جو انتظام سنڀالڻ کانپوءِ کان اهڙن تڪرارن جي خاتمي تي ٻنهي طرفن کان فتح جو اعلان ڪيو وڃي ٿو، حماس جي هڪ سينيئر اڳواڻ غزه مان بي بي سي ڳالهائيندي چيو ته اسرائيل شيخ جراح ۽ مسجد الاقصيٰ تان پنهنجو هٿ کڻڻ جو واعدو ڪيو آهي، هو اسلام جي مقدس ترين تاريخي مسجد جو ذڪر ڪري رهيا هئا ۽ يروشلم جي هڪ اهڙي ضلعي جو ذڪر به ڪري رهيا هئا، جيڪو فلسطينين کي زبردستي انهن جي گهرن مان ڪڍڻ سبب تڪرار ۽ پوءِ پرتشدد ڪاررواين جو سبب ٿيو. اسرائيل وري اهڙي ڪنهن به ٺاهه جي ترديد ڪئي آهي، دفاع واري وزير بيني گينٽز هڪ بيان جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته گذريل 11 ڏينهن دوران اسرائيل اهڙيون فوجي ڪاميابيون ڏيکاريون جيڪي غزه ۾ دهشتگرد تنظيمن خلاف دفاعي اهميت جي حوالي سان مثالي آهن، پر ٻنهي طرفن کان ميزائلن ۽ ڌماڪن سبب متاثر ٿيندڙ فردن يا مرندڙ ماڻهن جي ڪٽنبن فتح جو اعلان ناهي ڪيو، ان تڪرار سبب سڀ کان وڌيڪ موت ۽ زخمي غزه جا فلسطيني ٿيا آهن ۽ اتي ملڪيتن جي مد ۾ ڪروڙين ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي، ان دوران گذريل ڪيترن ئي سالن دوران هڪ بدترين مثال قائم ٿيندو رهيو آهي ته سيز فائر لاڳو ٿيڻ کان هڪ ڪلاڪ اڳ ٻنهي طرفن کان سخت بمباري يا راڪيٽ فائر ٿين ٿا، ته جيئن اهو ڏيکاري سگهجي ته آخري گولي اسان اڇلائي. اها اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ چوٿين وڏي ويڙهه آهي، سڀ کان پهريان 2008ع ۾ ٻئي ڌريون آمهون سامهون ٿيون هيون ۽ پوءِ انهن سمورين ويڙهن کانپوءِ ننڍيون ننڍيون جهڙپون پڻ ٿينديون رهيون آهن، آئون اها ڳالهه ثابتي سان چوان ٿو ته جيڪڏهن اسٽيٽس ڪو تبديل نه ٿيو ته تشدد جي هڪ ٻي لهر به سامهون اچي سگهي ٿي. آمريڪي صدر بائيڊن اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ سيز فائر ٺاهه ڪرائڻ تي پنهنجي سفارتي ٽيم ۽ مصر جي صدر السيسي جو ٿورو مڃيو آهي، سندس چوڻ هو ته هي ٺاهه ڪرائڻ ۾ مصري صدر اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هن تازي ڇڪتاڻ دوران انساني جانين جي نقصان تي پڻ افسوس جو اظهار ڪيو، ٻنهي طرفن کان حملن ۾ ٻارن جي موت تي ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته انهن حملن ۾ ڪيترائي معصوم شهري موت جو شڪار ٿيا آهن، آئون انهن سمورن اسرائيلي ۽ فلسطيني خاندانن سان دلي تعزيت ڪيان ٿو، جن پنهنجن پيارن کي وڃايو آهي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ به دعاڳو آهيان.صدر بائيڊن جو چوڻ هو ته جنگبندي جي ٺاهه جي اعلان کانپوءِ هن اسرائيل نيتن ياهو ۽ مصري صدر السيسي سان ڳالهايو آهي، وزيراعظم نيتن ياهو سان ڳالهه ٻولهه دوران مون ان کي تازي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ واري فيصلي کي ساراهيو آهي، مون ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته آمريڪا حماس ۽ غزه ۾ موجوده ٻين دهشتگرد گروهن جي راڪيٽ حملن کان اسرائيل جي پنهنجي دفاع جي حق ۾ مڪمل حمايت ڪري ٿو.