ليکڪ: فهد حسين
ڪنهن شيءِ تي هاڻ زوال اچڻو آهي، سوال اهو آهي ته اها ڪهڙي آهي يا وري ڪير آهي؟ گادي واري هنڌ ۾ هڪٻئي پٺيان واقعا ٿي رهيا آهن، ايندڙ سومر تي هڪ اهم واقعو متوقع آهي (ان جي باري ۾ اڳتي هلي تفصيل سان ڳالهائبو) جڏهن به ڪا پريشاني اچي ٿي ته اها ٽن مجموعي ۾ اچي ٿي، پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي معاملي ۾ ٽن جو مجموعو شهباز شريف، جهانگير ترين ۽ سڀ کان وڌيڪ ذولفي بخاري جي صورت ۾ سامهون آيو آهي، جيڪو ان لاءِ خوف، عدم تحفظ ۽ سڀ کان وڌي ڪري گهيراءَ جو سبب بڻجي رهيو آهي، پر ترسو، ڇا سياست ۽ سياستدان بنا ڪنهن سبب جي گهٻرائي رهيا آهن؟ جيئن ته پي ٽي آءِ طاقت جي راند ۾ اڃا نئين آهي، ان ڪري اهي خطرن جي اشارن کي آخري حملو سمجهڻ جي غلطي ڪري سگهن ٿا، ريڊ زون جي سياست تي گذريل ٽن ڏهاڪن کان ويجهي نظر رکندڙ ڪو به شخص اهو ٻڌائي سگهي ٿو ته ڪنهن به حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ حالتون ڪهڙو رخ اختيار ڪنديون آهن، اهي حالتون ترتيبوار ڪجهه هن قسم جون هونديون آهن، خوشي، اعتماد، تڪبر، ڪارڪردگي جي حوالي سان اضطراب، ادارتي ڇڪتاڻ، عدم استحڪام، عدم تحفظ، تڪرار ۽ نيٺ گهٻراهٽ، پي ٽي آءِ پهرين 4 مرحلن مان گذري چُڪي آهي ۽ هاڻ شايد پنجين يا ڇهين مرحلي تي بيٺل آهي، ان کان اڳ جو اها ستين، اٺين يا نائين مرحلي تي پهچي کيس گهرجي ته ٿورڙو بيهي پنهنجي حڪمت عملي تي ٻيهر غور ڪري، جيڪڏهن سياسي فيصلن تي بي اعتمادي ۽ خوف حاوي ٿي وڃي ته پوءِ غلطيون ٿينديون ئي آهن، جهانگير ترين طرفان قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ پارلياماني بلاڪ ٺاهڻ وارو فيصلو پي ٽي آءِ اندر هلندڙ گهرو ويڙهه کي وڌيڪ هوا ڏيندو، اهو جهانگير ترين لاءِ به ڪو آسان قدم نه هو، هو جلدباز شخص نه آهي،هو انتهائي محتاط انداز ۾ سوچي سمجهي فيصلا ڪندو آهي، ان جي ڪري اهو فيصلو به نه صرف انتهائي سوچ ويچار ۽ منصوبابندي کانپوءِ ڪيو هوندو، پر ان جا ڪيترائي اهڙا محرڪ ۽ اثر به هوندا جيڪي في الحال نظر نه پيا اچن، اها به حالتن جي ظاهر ٿيڻ جي هڪ ترتيب آهي، اها ئي ترتيب ايندڙ سومر تي ظاهر ٿي سگهي ٿي، سومر تي ٻن پهرن جو ريڊ زون اندر هڪ اهم ميٽنگ متوقع آهي، اها جاءِ جتي ڪابينا جا وزير ۽ ٻيون طاقتور شخصيتون رهن ٿيون، اتي مخالف ڌر جي هڪ وڏي بيٺڪ لڳڻ واري آهي ۽ ها اها پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ اتحاد ۾ هڪ نئون روح ڦوڪڻ جي پهرين سنجيده ڪوشش هوندي، مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف هڪ وڌيڪ اڳتي قدم کڻندي ايوان ۾ موجود سمورين مخالف ڌر جي پارٽين کي ماني جي دعوت ڏني آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي اعليٰ قيادت کي خاص دعوت نامو موڪليو ويو آهي ۽ گهرايل ماڻهن مان اڪثر جي شرڪت به متوقع آهي، شايد معاملا ٻيهر پٽڙي تي اچي ويا آهن، اها ترتيب پاڪستان مسلم ليگ (ن) ليگ جي تبديل ٿيندڙ حڪمت عملي ۾ به نظر آئي آهي، اندروني حلقن جو چوڻ آهي ته جماعت جي اندر اهو احساس آهي ته پارٽي کي ٽڪراءَ کان پوئتي هٽي اسٽيبلشمينٽ سان ڪم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، هڪ سينيئر اڳواڻ چيو ته آئون مڪمل اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته (ن) ليگ جا 99 سيڪڙو ميمبر اسٽيبلشمينٽ سان بهتر لاڳاپن لاءِ ڪو رستو ڪڍڻ چاهين ٿا ته ڇا (ن) ليگ ان حوالي سان اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي، باخبر ماڻهن جو چوڻ آهي ته اڃا ائين نه ٿيو آهي، پر هاڻ شهباز شريف ڊرائيونگ سيٽ تي ويهي چڪو آهي ۽ حالتون به ڪجهه ان قسم جا اشارا ڏئي رهيون آهن ته ڪو نه ڪو فيصلو ٿي ويندو ته نيٺ شهباز شريف ۽ جهانگير ترين اهڙي ڳالهه ڄاڻين ٿا جيڪا وزيراعظم نٿو ڄاڻي، هتي صورتحال ٿورڙي ڏکي ٿي وڃي ٿي، جهانگير ترين جي هم خيال تقريبن 40 اسيمبلي ميمبر آهن، اهي هڪ اشاري سان پنجاب ۾ بزدار جي حڪومت جي پيرن هيٺان زمين ڇڪي سگهن ٿا، اهي ۽ انهن جا حامي ڀلي ڪيترو به چوندا رهن ته اهي پي ٽي آءِ جو حصو آهن، پر حقيقت اها آهي ته اسلام آباد ۽ لاهور ۾ پارلياماني بلاڪ جو ٺهڻ ئي پنهنجي پاڻ ۾ ان دعويٰ جو رد آهي، جهانگير ترين گروپ ۾ اڪثر مضبوط سياستدان آهن، جن کي پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ جي ڳڻتي نه آهي، پر اهي شايد پنجاب حڪومت جي هڪ سينيئر عهديدار جي ڳالهه سان اتفاق ڪن ته هن وقت پنجاب ۾ سڀ کان اهم ٽڪيٽ مسلم ليگ (ن) جي آهي، پر ڇا هن وقت ان ٽڪيٽ جي ضرورت آهي؟ پنجاب ۾ چپٽي وڄائيندي تبديلي اچي سگهي ٿي، پر پنجاب جي هڪ سياستدان جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ اڃا تائين پنهنجي ترجيحن ۾ تبديلي جو ڪو اشارو ناهي ڏنو. ته ڇا جهانگير ترين ڪنهن حمايت جي خاطري کانسواءِ ئي معاملن کي ايترو اڳتي وڌائي ڇڏيو آهي؟ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ٻنهي جي ميمبر رهندڙ هڪ سياستدان جو چوڻ آهي ته شايد ائين نه آهي پر سندس خيال آهي ته نظام اڃا ڪو اهڙو اشارو ناهي ڏنو جنهن جي ڪري حڪمران پارٽي جا ميمبر ڪنهن نئين ڇٽي جي هيٺان گڏ ٿي وڃن، ٻين لفظن ۾ ان کي ائين چئي سگهجي ٿو ته جهانگير ترين شايد اهو ته ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته هو حڪومت کي لچڪ ڏيکارڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو پر هو اهو نه چئي رهيو آهي ته هو ان کي ڪيرائڻ چاهي ٿو، ته ڇا اها قسم جي تنبيهه آهي؟ ريڊ زون ۾ ويٺل اهي ماڻهو جيڪي نقطا ملائڻ ڄاڻين ٿا، هاڻ حالتن جي ترتيب کي سمجهڻ لڳا آهن، طاقت جي تخت تي ويٺل تي ماڻهو نسبتن گهٽ طاقت وارن ماڻهن کان ناخوش آهن ۽ انهن مٿان دٻاءُ وڌائي رهيا آهن، گهڻيون ننڍيون ننڍيون مشڪلاتون هڪ وڏي ناڪاميءَ جو سبب بڻجن ٿيون، ان جي ڪري پي ٽي آءِ کي راولپنڊي رنگ روڊ اسڪينڊل آڏو اچي ويو آهي، عدم تحفظ ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان ڏک جو شڪار حڪومت لاءِ ڪو وڏو اسڪينڊل خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇا پي ٽي آءِ جو خيال هو ته اها پاڪستاني طرز حڪومت ۾ ڪا انوکي پارٽي هوندي؟ رنگ روڊ اسڪينڊل کان وڌيڪ نقصان واري شيءِ کي منهن ڏيڻ ۾ حڪومت الجهي رهي آهي. ذولفي بخاري جو عهدو ڇڏڻ کي ٻن طريقن سان ڏسي سگهجي ٿو، حڪومت ان کي احتساب جي ثبوت طور پيش ڪري رهي آهي، پر ريڊ زون اندر ٿيندڙ ڳالهين مان معلوم ٿئي ٿو ته ان جي پويان ٻيا سبب به آهن، ذولفي بخاري وزيراعظم جو ويجهو ترين صلاحڪار سمجهيو پئي ويو، ان جو مطلب اهو آهي ته حڪومت جي اندروني حلقن ۾ به بي اعتمادي موجود آهي ته نيٺ ذولفي بخاري اهڙو ڪهڙو ڪم ڪيو، جنهن جي ڪري کيس وزيراعظم جي ناراضگي کي منهن ڏيڻو پيو، ريڊ زون جي اندروني حلقن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان تڪرار ڪافي عرصي کان موجود هو، پاڪستاني سياست هاڻ پراڻن ۽ ڏٺل رستن تي هلي پئي آهي، شهباز شريف اختلافن کي ختم ڪرڻ ۽ پنهنجي پارٽي ۽ مخالف ڌر لاءِ جڳهه ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان جي قيمت پي ٽي آءِ کي ادا ڪرڻي پوندي، جهانگير ترين پنهنجي 2 پارلياماني بلاڪن سان حڪومت لاءِ خطرو بڻيل رهندو، ان دوران هو پنهنجي مخصوص انداز ۾ ادارن جي حمايت به حاصل ڪندو، ذولفي بخاري پي ٽي آءِ لاءِ ڪيترين ئي ننڍين مشڪلاتن مان هڪ مشڪلات بڻجي ويندو، جنهن جو فائدو مخالف ڌر کي ٿيندو، پر طاقت جي ان راند ۾ آخري ۽ فيصلو ڪندڙ وار ٿيڻ ۾ اڃا وقت آهي، آخر ۾ بس اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته ڪارا بادل ڇانئجي رهيا آهن ۽ حالتون ڪنهن طوفان جي اچڻ جي خبر ڏئي رهيون آهن.