216

نا ممڪن ڪجهه به ناهي پاڻ تي اعتماد رکڻ گهرجي…

ليکڪ: سليم احمد چانڊيو

هر ڪامياب شخص وٽ هڪ ڏک ڀري ڪهاڻي هوندي آهي ۽ هر ڏک ڀري ڪهاڻيءَ جو نتيجو ڪاميابي ۽ ڪامراني هوندو آهي، ان جي لاءِ تڪليف برداشت ڪرڻ جي عادت هئڻ گهرجي ۽ ڪاميابيءَ جي لاءِ تيار رهو. اسان جو معاشرو جتي گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو ماحول هجي، اقرباپروري عروج تي هجي، ڪرپشن آسمان سان ڳالهيون ڪندي هجي، ڀڳڙن مٺ تي ميرٽ جي لتاڙ ڪئي وڃي، حوصلا افزائي جو وجود ئي نه هجي يا نه هئڻ جي برابر هجي، معاشي مسئلا انيڪ هجن، پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ جا وسيلا نه هجن، تعليم جي اهميت جي خبر نه هجي ۽ ان سان جڙيل ڪافي ٻيا معاملا هجن ته اتي ضروري آهي ته مايوسي ۽ نا اميدي جو ذهن ۾ خيال لازمي اڀرندو، پر انهن سڀني معاملن کي سنجيدگيءَ سان سمجهڻ ۽ پاڻ کي بهادر بڻائڻ لاءِ به راهه هموار ضروري ٿيندي آهي، ڇو جو جتي انسان تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيندو رهندو آهي اتي وري انتهائي گهڻيون ڳالهيون به پنهنجي معاشري جون سمجهندو رهندو آهي، جنهن جي ڪري اسان جي ماڻهن کي مايوس نه پر بهادر ۽ مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏيڻ گهرجي، ڇو جو ناڪام ٿي ويهي رهڻ واقعي ناڪامي هوندي آهي، پر ناڪام ٿي وري ٻيهر ڪوشش ڪرڻ ۽ پر اميد ٿيڻ جو نالو ئي ڪاميابي، سوڀ ۽ ڪامراني هوندو آهي،  اهو هر ماضي، حال ۽ مستقبل جو قانون رهيو آهي ته اهي انسان ئي ڪامياب ٿيندا آهن ۽ سوڀ ماڻيندا آهن جيڪي مايوس ناهن ٿيندا، جيڪي نااميد ناهن ٿيندا، جيڪي بار بار پنهنجي منزل نه ماڻڻ تي روڄ راڙو يا هٿ مٿي تي رکي ويهي ناهن رهندا، پر ان جي ابتڙ اهي وري هڪ نئين سج سان نئين منصوبابنديءَ سان هڪ نئون منصوبو جوڙي پنهنجي منزل مقصود طرف روان دوان ٿي ويندا آهن ۽ اهڙا ئي شاگرد هجن، نوجوان هجن، سياسي ڪارڪن هجن، سماجي ۽ معاشي ماڻهو هجن يا وري قومون هجن جيڪي پنهنجي آزادي جي لاءِ وڙهنديون ٿيون رهن. جنهن ۾ تازو مثال فلسطين يا ڪشمير جو آهي، اهي ٻئي قومون پنهنجي نسلن جي لاءِ مڪمل آزادي ماڻينديون پر ڪجهه وقت اڃا قربانيون ڏيڻيون پونديون، انهن ماڻهن يا قومن کي ڪيترو به نقصان پهتو هجي پر پوءِ به پر اميد آهن ته اهڙن ماڻهن جي لاءِ ڪاميابي پنهنجو پاڻ انهن جا قدم چمندي آهي ۽ انهن کي ئي منزل ملندي آهي، جيڪڏهن اسان ڪجهه عظيم ماڻهن جا نالا کڻون ڪارل مارڪس پنهنجو ڪتاب ”سرمايو“لکي رهيو هو ته سندن  پٽ زندگيءَ جي آخري مرحلن ۾ هو، ايتري قدر جو هن جي وني ”جيني“ مارڪس کي خط لکيو ته تنهنجو پٽ مرڻ تي پهتو آهي، اچي هن لاءِ ڪجهه ڪر، ان تي هِن وني کي خط لکي موڪليو ته هي جيڪو آئون ڪم ڪري رهيون آهيان اهو مون کي ان کان وڌيڪ پٽ پيدا ڪري ڏيندو، جيڪڏهن منهنجي هن ڪم جي ڪري مون کي اهو هڪڙو پٽ قربان ڪرڻو ٿو پوي ته ڪا ڳالهه ناهي، اهو تمام گهٽ نقصان ٿيڻ جهڙي ڳالهه آهي، نيٺ مارڪس جو پٽ وفات ڪري ويو ۽ هو پنهنجو ڪتاب ”سرمايو“مڪمل ڪرڻ ۾ لڳو پيو هو ۽ ان پنهنجي عظيم ڪم کي سرانجام تي پهچايو، جنهن جي ذريعي اڄ روس، ڪيوبا، ويٽنام، چائنا ۽ ڪافي ٻيا ملڪ شامل آهن جيڪي مارڪس جي ان عظيم ڪم جي ڪري ايڊوانس آهن، برونو دنيا جو پهريون انسان هو جنهن ٻين سيارن تي زندگيءَ جي وجود جي ڳالهه ڪئي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اظهار جي آزادي نه هجڻ سبب سندس خيالن کي نه قبوليو ويو. برونو هڪ عظيم انسان، اسڪالر ۽ فلسفي هو، جنهن کي زندهه ساڙيو ويو، هن جو ڏوهه صرف اهو هو ته هن چيو ته دنيا جو مرڪز زمين نه پر سج آهي، زمين ائين ئي آهي جيئن ٻيا گرهه سج جي چوڌاري چڪر يا ڦيرو ڏئي رهيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته هيءَ ڪائنات بي حد آهي، برونو جي ٻڌايل هڪ اها ڳالهه به مشهور ۽ قابل قبول آهي ته هن چنڊ جي ويجهو ڦرندڙ ايسٽورائڊ پٿر تي ڪافي ڄاڻ مهيا ڪئي ۽ اڄ اسان به ان ڳالهه کي مڃون ٿا ته واقعي ايسٽورائڊ پٿر چنڊ جي چوڌاري چڪر ڏئي رهيو آهي، برونو کي ۽ هن جي ڪتابن کي ته ساڙيو ويو. پر اڄ ان جي نظريي کي وڌيڪ اهميت به آهي ته ان جي حوالي سان اٽليءَ ۽ ٻين ملڪن ۾ ريسرچ سينٽر به قائم ڪيا ويا آهن ۽ ڪم ڪري رهيا آهن. تاريخ واضح ڪيو ته هو صحيح هو ۽ آهي، تقريبن 10سالن کان پوءِ هڪ ٻيو سائنسدان گيليليو سامهون آيو، جنهن پڻ چيو ته”زمين سج جي چوڌاري چڪر ڏئي رهي آهي “ ان تي کيس به ڪافر ۽ ملحد جو لقب ڏنو ويو ۽ ٻه ڀيرا قتل ڪرڻ جا منصوبا جوڙيا ويا پر ناڪام ٿي ويا ۽ هن جو ٻيو ڪارنامو”دوربيني“  هو، هر اهو انسان ڪامياب ٿي سگهي ٿو جيڪو تڪليفن مان گذري ٿو ۽ پنهنجي مقصدن سان سچو هجي، پنهنجي نظريي سان مخلص هجي، پنهنجي سوچ ۽ قلم جو مالڪ هجي ۽ سنجيده هجي، ڇو جو اڄڪلهه اسان جي معاشري ۾ قلم جو ڏاڍو غلط استعمال ڪيو ٿو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو