ليکڪ: سڪندر بوزدار
سنڌي اخبارون کولي پڙهنداسين ته خوني جهيڙن، ڏوهن جي وارداتن ۽ ڏاڍائين جي واقعن سان روزانو ڀريل ملنديون آهن، اهڙو ڪو ڏينهن خالي ناهي هوندو، جنهن ۾ سنڌ جي مڙني شهرن ۾ اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو هجي، يا ٻڌي ۽ پڙهي ماڻهو جو جيءُ نه جهريو هجي، سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر افراتفري وارو ماحول جوڙيو پيو آهي، سنڌي ماڻهن اندر هڪ قسم جو خوف پيدا ٿي رهيو آهي، ڏوهاري قسم جي ماڻهن کي ڄڻ هٿ وٺي ڇوٽ ڏئي ڇڏيو ويو هجي ته اٿو خوني وارداتون ڪيو ڏوهه ڪيو، توهان جي رستا روڪ نه ڪئي ويندي، سنڌي ماڻهون پنهنجن گهرن ۾ به محفوظ ناهن، سنڌي ماڻهن کي شهرن ۾ دهشتگرد ۽ ٻهراڙين ۾ چور ۽ ڌاڙيل سک سان رهڻ ئي نٿا ڏين، ماڻهو نيشنل هاءِ وي ۽ موٽروي تي به محفوظ ناهن، عدم تحفظ جو شڪار آهن، ڌارين ماڻهن کي ايتري ڇوٽ مليل آهي جو هو بنا خوف ۽ ڊپ جي سنڌي ماڻهن جي تذليل ڪن ٿا، سنڌي ماڻهن تي ڌاريا هٿيار سڌا ڪندي به دير ناهن ڪندا، گذريل ڏينهن سنڌ سان محبت ڪندڙ ڊاڪٽر نظير کوکر کي راڻيپور ٽول پلازه جي غير مقامي عملي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، جڏهن ته ڊاڪٽر نظير کوکر پڙهيل لکيل مسيحا پيشي سان تعلق رکندڙ عزتدار شهري آهن، و ڏي ڳالهه ته پاڻ به راڻيپور سان تعلق رکي ٿو، اهڙا ۽ ان کان به وڌيڪ خطرناڪ واقعا هر روز هن صوفين جي ڌرتي تي رونما ٿين ٿا، هٿ وٺي ڌارين ماڻهن کي هشي ڏئي اصلوڪن رهاڪن جي تذليل ڪرائي پئي وڃي ۽ جيڪو سنڌ ۾ وهي واپري ٿو ايندڙ وقت ۾ ان جا نتيجا نفرت وارا ۽ خطرناڪ نڪري سگهن ٿا، جڏهن ته سنڌ اندر امن امان جي صورتحال به آئيڊيل ناهي، ڪٿي ڏهن رڍن جي بدلي ڏهن انسانن جو پکين وانگر شڪار ڪيو ٿو وڃي، ڪٿي وري سنڌ جي روڊ رستن ۽ هاءِ ويز کي ڏوهارين حوالي ڪري کين ڦرلٽ جي کلي ڇوٽ ڏني وڃي ٿي، ڄڻ ته رياست اندر وقفي وقفي سان رياست قائم ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ ڏوهاري ۽ هٿيار بند ماڻهن کي شريف ۽ مسڪين ماڻهن تي هٿ وٺي برتري ڏني وئي آهي، شريف شهرين کي ڏوهاري ماڻهن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، سنڌ اندر لاقانونيت جي انتها آهي جنهن جو جيترو وس پڄي ٿو اهو اوترو ڏو ڪري ٿو وٺي، ڌارين سان گڏ سنڌي به سنڌين جي نسل ڪشي ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن، سنڌ جا وري روڊ رستا اهڙا جو روڊ حادثا معمول بڻيل آهن، ڊرائيورن لاءِ به ڪو قانون ناهي جنهن کي جيئن وڻي تيئن گاڏي هلائي خاص ڪري ٽرڪن وارا روڊ تي اهڙو هلندا جو روڊ ڄڻ ٺهيل ئي انهن لاءِ هجي، پر جڏهن توهان سنڌ ڪراس ڪري پنجاپ ۾ داخل ٿيندئو ته ٽرڪون بلڪل هڪ سائيڊ ۽ هڪ ئي لائين تي پيون هلنديون، جنهن ڪري پنجاپ ۾ حادثا گهٽ ٿين ٿا، پنجاپ پوليس قانون تي عمل ڪرائي ٿي، 2 ڏينهن اڳ ملتان کان آيل ڪوچ سان پنو عاقل ۾ حادثو ٿيو 14 کان مٿي ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، مونکي ته ايئن ٿو لڳي ته اسان جو ڄڻ ڪو اوهي واهي نه آهي، سنڌي ماڻهو بي ڪفنا ٿي مري رهيا آهن ۽ مارڻ وارا هٿ پنهنجن جا به آهن ۽ ڌارين جا به اسان قلم ڌڻي ڀلا ڇا ٿا ڪري سگهون، قلم ذريعي مسئلن جي نشاندهي ئي ڪري سگهون ٿا، باقي ته واڳ اقتدار ڌڻين جي هٿ ۾ آهي، خدارا هيءَ سنڌ آهي، جنهن اوهان کي عزت ڏئي اقتدار ڌڻي بڻايو آهي، جيڪڏهن اوهان سنڌ جي مالڪي نه ڪندا ته پوءِ ياد رکو ته جن ڌارين کي اوهان ٽيڪ ڏئي پنهنجا مارائي رهيا آهيو اهي سڀاڻي اوهان کان اهو اقتدار به کسي وٺندا ۽ اوهان کي به مالڪ بدران نوڪر ٿي رهڻو پوندو، ان کان اڳ جو سموريون چالون اوهان جي هٿن مان نڪري وڃن پنهنجي ماڻهن جي مالڪي ڪريو، پنهنجي ڌرتي کي امن ڏيو جيئن سڀاڻي اوهان به امن سان رهي سگهو.