اسلام آباد/ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وگهي ماڻهن جي فوت ۽ متاثر ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ پوري ملڪ اندر وڌيڪ 88 ڪورونا جا مريض فوت ٿي ويا ۽ وڌيڪ 4 هزار 7 ماڻهو متاثر ٿيا. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿيلن جو انگ وڌي 20 هزار 177 ٿي ويو آهي، جڏهن ته متاثر مريضن جو انگ 8 لڪک 97 هزار 468 ٿي ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾ وفاقي حڪومت پابندين ۾ ڪجهه نرمي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي پر سنڌ حڪومت لڳايل پابنديون وڌيڪ ٻن هفتن تائين جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت اين سي او سي جي فيصلن هيٺ ڪورونا جي 5 سيڪڙو کان گهٽ پکيڙ وارن علائقن ۾ 24 مئي کان تفريحي هنڌ ۽ تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته ان کان وڌيڪ پکيڙ وارن علائقن ۾ اسڪول 6 جون تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن موجب پنجاب جي 20 ضلعن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي 4 ضلعن، خيبر پختونخواجي 14 ضلعن، سان گڏ اسلام آباد ۽ ڪوئٽا ۾ به اسڪول 6 جون تائين بند رهندا. تعليم واري وفاقي وزارت جي ترجمان موجب ملڪ جي انهن ضلعن ۾ اسڪول 6 جون تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جتي ڪورونا ڪيسن جي شرح 5 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. ترجمان ٻڌايو ته اين سي او سي جي 19 مئي جي فيصلن موجب جن ضلعن ۾ بيماري جي شرح 5 سيڪڙو کان گهٽ آهي، اتي سمورا سرڪاري ۽ نجي اسڪول 24 مئي کان مرحلي وار کوليا ويندا. چيو ته اين سي او سي جو ڪورونا بابت جائزي لاءِ اجلاس 3 جون تي ٿيندو، جنهن ۾ رهيل ضلعن ۾ اسڪول 7 جون کان کولڻ يا نه کولڻ جو فيصلو صورتحال موجب ڪيو ويندو. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پوري صوبي ۾ ڪورونا وائرس کي نظر م رکندي صوبي ۾ لاڳو پابندين کي وڌيڪ 2 هفتن تائين برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وڏي وزير جي ترجمان موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پوري صوبي ۾ ڪورونا جون پابنديون ايندڙ 2 هفتن تائين برقرار رهنديون. تفريحي هنڌ، سي ويو، هاڪس بي، پارڪ 2 هفتن جي لاءِ بند رهندا. جڏهن ته سنڌ ۾ واڪنگ ٽريڪ کليل رکيا ويندا. دڪان سومر کان شام 6 وڳي تائين ايس او پيز تحت کليل رهنديون ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽور به شام 6 وڳي تائين کليل رهندا. جڏهن ته صوبي جا سمورا شادي هالز بند رهندا. هوٽلن ۾ ان ڊور ۽ آئوٽ ڊور ڊائننگ بند رهندي. رڳو کاڌي پيتي جون شيون اتان کي وٺي وڃڻ جي اجازت هوندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انٽرسٽي ٽرانسپورٽ 50 سيڪڙو مسافرن سان گڏ هلنديون ۽ انٽرسٽي ٽرانسپورٽ ۾ ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو. اجلاس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪورونا جي صورتحال بهتر ٿيڻ تائين صوبي ۾ تعليمي ادارا بند ئي رهندا، ان دوران تعليم وارو کاتو استادن جي ويڪسينيشن ڪرائڻ لاءِ اپاءِ وٺي. اجلاس ۾ سيڪريٽري صحت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 15 کان 21 مئي تائين ڪراچي ۾ 13.97 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيا. حيدرآباد ۾ 10.83 سيڪڙو ۽ باقي ضلعن ۾ 5.40 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيا. سيڪريٽري صحت ٻڌايو ته هفتيوار رپورٽ جي حساب سان ڪراچي اوڀر ۾ 15 سيڪڙو ڪيس آهن. ڪراچي سينٽرل ۾ 13 سيڪڙو، ملير ۽ ڪراچي اولهه ۾ 10 سيڪڙو ڪيس آهن. جڏهن ته حيدرآباد ۾ 11 سيڪڙو ۽ سکر ۾ 8 سيڪڙو ڪورونا ڪيس آهن. اجلاس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته وائرس سبب گذريل 30 ڏينهن ۾ 213 مريض فوت ٿي چڪا آهن جن مان 164 مريض وينٽي ليٽر تي هئا ۽ 26 مريض گهرن ۾ فوت ٿي ويا. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ هڪ ڏينهن اڳ 24239 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جنهن مان 2136 ماڻهو متاثر ٿيل نڪتا، جڏهن ته عيد تي ڪورونا جا 1232 ڪيس هئا. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته عيد کان پوءِ ڪيسز جي شرح لاڳيتو وڌي رهي آهي.
224