غزه / واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) فلسطيني حڪومت اسرائيل خلاف ڏوهن جي عالمي عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. فلسطيني حڪومت چيو آهي ته اسرائيل غزه ۾ بي ڏوهي شهرين، عورتن ۽ معصوم ٻارن تي حملا ڪري جنگي ڏوهه ڪيا آهن. ان خلاف جنگي ڏوهن جي عالمي عدالت (آءِ سي سي) سان رابطو ڪيو ويندو. ٻي پاسي غزه ۾ اسرائيل جي حملن دوران جان بچائڻ لاءِ لڏي ويل هزارين فلسطينين جي جنگ بنديءَ کان پوءِ واپسي شروع ٿي وئي آهي پر انهن مان وڏي انگ ۾ فلسطينين جا گهر تباهه ٿي چڪا آهن، جنهن ڪري انهن پنهنجي تباهه ٿيل گهرن مان پنهنجو بچي ويل ضروري سامان ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، اتان لڏي ويل فلسطيني جڏهن واپس موٽيا ته رڳو تباهيءَ جا منظر ڏسي روئندا رهيا. جڏهن ته تباهه ٿيل عمارتن مان لاش يا زخمين کي ڳولهڻ لاءِ امدادي ڪاررائيون پڻ هلندڙ آهن جنهن دوران ڪجهه لاش ڪڍيا پڻ ويا آهن. اسرائيل ۽ حماس جي جنگ بنديءَ کان پوءِ متاثرن لاءِ سڄي دنيا مان امداد پهچڻ پڻ شروع ٿي وئي آهي. ڇنڇر ڏينهن غزه پٽي ۾ امدادي سامان جي فراهمي جو عمل به شروع ٿي ويو. جنگبندي کان پوءِ هاڻ عالمي ڌيان غزه پٽي ۾ نئين سر تعمير تي آهي. گڏيل قومن موجب غزه لاءِ 18.5 ملين ڊالرن جي هنگامي امداد پهچائي پئي وڃي. هوڏانهن آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته آئون اسرائيل ۽ فلسطين جي جنگ بندي قائم رهڻ جي دعا ٿو ڪريان. وائٽ هائوس ۾ ڳالهائيندي جوبائيڊن چيو ته جنگبندي ذريعي هڪ موقعو پيدا ٿيو آهي ته ٻه رياستي حل ڏانهن اڳتي وڌجي. هن وڌيڪ چيو ته حماس هڪ دهشتگرد تنظيم آهي پر آمريڪا غزه پٽي ۾ رهندڙ فلسطينين جي مدد فلسطيني اٿارٽي ذريعي ڪندو، غزه ۾ نئين سر تعمير لاءِ هڪ وڏو پيڪيج ڏنو ويندو. آمريڪي صدر چيو ته اسرائيل بابت اسان جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي، اسرائيل جي قائم رهڻ جو حق تسليم ڪرڻ بنا خطي ۾ امن نٿو ٿي سگهي.
119